اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر شازيه مري چيو ته سست انٽرنيٽ نيٽورڪ پاڪستان جو وڏو مسئلو آهي. سست انٽرنيٽ ۽ وي پي اين جي ڪم نه ڪرڻ سبب ماڻهو آءِ ٽي سان لاڳاپيل ڪاروبار بند ڪري ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهن. حڪومت ٻڌائي ته انٽرنيٽ جو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو. آءِ ٽي واري وزير شزا فاطمه خواجا چيو ته سست انٽرنيٽ جا ڪيترائي سبب آهن، گذريل حڪومت آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري نه ڪئي جنهن سبب سسٽم اپ گريڊ نه ٿي سگهيو، هاڻي اسان چين  سان ڳنڍجي ويا آهيون. انٽرنيٽ جي اسپيڊ ڪاروباري ماڻهن لاءِ 28 سيڪڙو بهتر ٿي آهي.