انٽرنيٽ تي آڌاريل “ڊجيٽل معيشت” جو نقصان

0
58
حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

حڪمرانن جي جڏهن به مرضي پوي ٿي ته اهي ملڪ ۾ يا ته انٽرنيٽ سروسز بند ڪري ٿا ڇڏين يا وري سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين رسائي ۾ رنڊڪون وجهن ٿا، جنهن سان حڪمران پنهنجو ڪو خاص مقصد حاصل ڪري به وٺندا هجن، پر ان سان جيڪو گهڻ رخو نقصان ٿئي ٿو، ان ڏانهن اهي نهارڻ ۽ سوچڻ لاءِ به تيار نه آهن. هونئن ته پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروسز ۾ رخنو وجهڻ، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين رسائي ۾ رنڊڪ وجهڻ وارو عمل حڪومت طرفان اڳ به ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جو تازو ورجاءُ 7 جنوري تي شام کان رات دير تائين پڻ مشاهدي ۾ آيو، جڏهن سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين رسائي ۾ رنڊڪون اچڻ لڳيون، جنهن کانپوءِ غيريقيني، سياسي بحرانن ۽ انتظامي افراتفري جي ور چڙهيل هن ملڪ ۾ افواهن جو سونامي اچي ويو. ماڻهو هراس ۾ حواس وڃائيندي، هڪٻئي کان، يا وري ميڊيا هائوسز تي فون ڪري صورتحال بابت پڇندا رهيا. سوشل ميڊيا ايپس تائين رسائي ۾ رنڊڪون وجهڻ واري عمل سان ملڪ ۾ جيڪا افراتفري پيدا ٿي، ان بابت سوچڻ جي زحمت ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ڪجهه وقت جي بندش کانپوءِ اهي سروسز  بحال ٿي ويون آهن پر پريشاني ۾ مبتلا ماڻهن کي صحيح صورتحال کان آگاهه ڪرڻ واري ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ ڪوبه ادارو اڳتي ڪونه آيو. پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ان روڪ ۽ رنڊڪ جو جواز ڄاڻائڻ ته پري جي ڳالهه، ان کي مڃڻ لاءِ به تيار نه آهي.

ملڪ ۾ اها غيريقيني واري صورتحال ئي آهي، جو ماڻهو ڪنهن افواهه سبب هراس ۾ حواس وڃائي ٿا ويهن. صرف اهو ئي نه، انٽرنيٽ جي رفتار سست ٿيڻ يا سوشل ميڊيا ايپس تائين رسائي نه هجڻ جي ڪري سڀ کان وڏو نقصان “ڊجيٽل معيشت” جو ٿئي ٿو. لکين ماڻهن جو روزگار انٽرنيٽ ۽ ان سان سلهاڙيل ايپس تي آڌاريل آهي، پوءِ اهي آن لائين ٽيڪسي هلائيندڙ هجن، گهرن ۾ ڪِچن هلائيندڙ هجن، بيڪريون هجن! هڪ محتاط ڪاٿي مطابق: رڳو انٽرنيٽ جي هڪ ڏينهن جي بندش جي ڪري ٽيلي ڪام ڪمپنين کي 82 ڪروڙ رپيا نقصان ٿئي ٿو ۽ حڪومت کي به هڪ ڏينهن ۾ 28 ڪروڙ، 70 لک رپيا روينيو جي مد ۾ گهاٽو پوي ٿو. صرف اهو معاشي نقصان ئي نه، دنيا ۾ انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا پڻ آواز اٿارڻ شروع ڪن ٿا ۽ ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي، ڇو ته انٽرنيٽ تي بندش بنيادي شهري حقن جو مسئلو آهي ۽ ملڪي آئين ۾ اظهار جي آزادي ۽ معلومات تائين رسائي جي ضمانت مليل آهي. هڪ ته جڏهن انٽرنيٽ بند ڪيو وڃي ٿو يا وري ان جي رفتار سست ڪئي وڃي ٿي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين ماڻهن جي رسائي ۾ رڪاوٽ وڌي وڃي ٿي ته پي ٽي اي عوام کي آگاهي لاءِ ان حوالي سان ڪابه چٽائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهنڪري افواهن جو طوفان برپا ٿئي ٿو ۽ ماڻهن جي پريشاني وڌي وڃي ٿي. پي ٽي اي سوشل ميڊيا ايپس جي بندش يا انهن تائين رسائي ۾ رخني جي حوالي سان واقعي به بي خبر آهي ته پوءِ اها بي خبري پڻ هڪ وڏي خبر آهي. اها ڳالهه هاڻي لڪل نه رهي آهي ته پي ٽي اي 2019ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوران “سينڊ وائن ٽيڪنالاجي” حاصل ڪئي هئي، جيڪا ٽرانسميشن ڪنٽرول پروٽوڪول لاءِ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان ذريعي نيشنل انٽرنيٽ ايڪسچينج مان انٽرنيٽ ڪيبل ۾ اسپيڊ کي سست ڪري سگهجي ٿو. انٽرنيٽ بند ڪرڻ يا سست ڪرڻ کي ٽيڪنالاجي جي ٻوليءَ ۾ “انٽرنيٽ ٿروٽلنگ” (انٽرنيٽ جو گلو گهٽڻ) چئجي ٿو، جنهن کي پڻ انساني حقن ۽ اظهار جي آزادي توڙي معلومات تائين رسائي تي راتاهو سمجهيو وڃي ٿو ۽ دنيا ۾ انساني حقن ۽ اظهار جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ ادارا ان خلاف آواز اٿاريندا رهيا آهن. ان ڪري پي ٽي اي جو اهو موقف ڀلا ڪير مڃيندو ته انٽرنيٽ بنا روڪ رنڊڪ جي هلندو رهيو آهي ۽ ڪوبه رخنو نه پيو آهي.

انٽرنيٽ سروسز ۾ رخنو ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تائين رسائي ۾ رنڊڪ واري عمل کي اسان ڳڻتيءَ جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ اسان کي پي ٽي اي جي لاعلمي واري موقف تي پڻ حيرت آهي. جڏهن به ڪا اهڙي صورتحال ٿئي ٿي، پوءِ اها حادثاتي طور تي ڇو نه هجي، اها پي ٽي اي جي ذميواري بڻجي ٿي ته اهو ادارو عوام کي مڪمل آگاهي ڏي ته جيئن افواهن سبب پيدا ٿيندڙ افراتفري جو انت اچي سگهي ۽ ماڻهو حقيقي صورتحال کان آگاهه ٿي سگهن.