انٽرنيٽ بنيادي انساني حق قرار: ملڪي فيصلن ۾ اسان سان گڏ ويهڻو پوندو، ڪئنال ٺاهڻ کان اڳ پاڻي مسئلو حل ڪريو: بلاول

0
38
انٽرنيٽ بنيادي انساني حق قرار: ملڪي فيصلن ۾ اسان سان گڏ ويهڻو پوندو، ڪئنال ٺاهڻ کان اڳ پاڻي مسئلو حل ڪريو: بلاول
انٽرنيٽ بنيادي انساني حق قرار: ملڪي فيصلن ۾ اسان سان گڏ ويهڻو پوندو، ڪئنال ٺاهڻ کان اڳ پاڻي مسئلو حل ڪريو: بلاول

ڄامشورو(رپورٽ: ميرمرتضيٰ نوحاڻي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انٽرنيٽ بنيادي انساني حق قرار ڏيندي ڊجيٽل بل آف رائيٽس آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪي فيصلن ۾ اسان سان گڏ ويهڻو پوندو، ڪئنال ٺاهڻ کان اڳ پاڻي مسئلو حل ڪريو، ڄامشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موسمي تبديلي وڏو مسئلو آهي، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ به وڏو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ڪجهه وقت اڳ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ روز جي بنياد تي ان حوالي سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا به تيار ناهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي تيار رهڻو پوندو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جڏهن ته ان لاءِ گلگت بلتستان کان ويندي سنڌ تائين سمورن ماڻهن کي تيار رهڻو پوندو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو نظام جوڙيو وڃي ان تي ڌيان ڏنو وڃي، هن وقت جيڪو پاڻي جي صورتحال آهي ان تي سوچيو وڃي، ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن طرف به ڏٺو وڃي، پوءِ 6 کان 7 نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو ڪيو وڃي، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پراڻا طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، مهانگي اگهه تي ٻاهريان بجلي گهرائي پئي وڃي، چون ٿا ته لاهور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي، پر جڏهن اهي ڄامشورو، لاڙڪاڻو، حيدرآباد طرف اچن ته کين ڏيکاريون ته اسان وٽ اڃا لوڊشيڊنگ آهي، موسمي تبديلين جي حوالي سان به اهو تمام وڏو مذاق آهي جو اهي چون ٿا ته سولر يا ڪوئلي تي بجلي پيدا نه ڪريو ڇاڪاڻ ته اسان ٻاهريان مهانگي اگهه تي بجلي خريد ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ اوهانکي به اسان سان گڏ ويهي ملڪ جي مستقبل، پاليسي، سياست ۽ فيصلن بابت سوچڻو پوندو، ان کانپوءِ فرق محسوس ٿيندو. هن چيو ته اسان معدني وسيلن سان مالا مال آهيون، ڪوئلي جو وڏو ذخيرو موجود آهي، سنڌ ۾ سج جي به کوٽ ناهي، جهمپير ۾ ونڊ پاور تي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اسان ته سڄي ملڪ کي گهٽ اگهه تي بجلي ڏئي سگهون ٿا ۽ لوڊشيڊنگ جو به خاتمو آڻي سگهون ٿا ۽ ان سان گڏ موسمي تببيلين جو مقابلو ڪري سگهون ٿا ۽ اوهان سان گڏجي ئي ان اشو کي اٿاري سگهون ٿا، اهو قدم ملڪ ۽ ايندڙ نسل لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته نئين نسل کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، حق وٺڻو پوندو آهي، مفت ۾ ناهي ملندو، هن دور ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ تائين پهچ بُنيادي حق آهي، اسان کان اُهو حق نٿو کسَي سگهجي، نوجوان ڊجيٽل بِل آف رائيٽس جي تياري ۾ ڪردار ادا ڪن، آئون قومي اسيمبلي ۾ سندن آواز اٿاريندس، 60 سالن جي عمر جا ماڻهو ترقياتي بجيٽ ٺاهين ٿا، اُهي نوجوانن جي مستقبل جو نه سوچيندا آهن، وي پي اين بند ۽ انٽرنيٽ سُست ڪندڙن کي فرق ناهي پوندو، اسان ۽ توهان کي فرق پوي ٿو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 6-7 ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ موسمياتي تبديلين جي حساب سان بنيادي ڍانچو تيار ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، گلگت بلتستان کان سنڌوءَ درياهه جي آخري ڇيڙي تائين اسان کي ڪم ڪرڻو پوندوسنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو، جڏهن ته وائيس چانسلر پروفيسر ايمريٽس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو يونيورسٽيءَ جي تعليمي ۽ تحقيقي سرگرمين بابت مهمان کي آگاهه ڪيو. ڊاڪٽر عرفانه ملاح مھمانن جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، ايم پي ايز، فئڪلٽين جا ڊين، مختلف شعبن جا سربراھ ۽ ٻيا معزز پڻ موجود هئا. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو ڪيو ۽ ڪئمپس ۾ بنيادي ڍانچي ۽ ماحوليات کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدمن ۾ حصو ورتو. وائيس چانسلر پروفيسر (ايمريٽس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو ۽ ٻين عملدارن شهيد بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنونشن سينٽر ۾ بلاول جو شاندار استقبال ڪيو. پنھنجي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ گڏجي يونيورسٽي ڪئمپس ۾ ماحولياتي استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ ھڪ نم جو وڻ پڻ لڳايو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يونيورسٽي ۾ 2.45 ميگاواٽ سولر انرجي منصوبي جو افتتاح پڻ ڪيو.