اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرنيٽ جي سست رفتاري ۽ فائر وال خلاف درخواست سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي، هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اعتراضن سان گڏ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي ڪندو، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته شهرين جا بنيادي حق متاثر ڪندڙ فائر وال لڳائڻ وارو عمل روڪيو وڃي، فائر وال جي لڳڻ سان سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت ۽ بنيادي حقن جي تحفظ سان مشروط قرار ڏنو وڃي، معيشت لاءِ انٽرنيٽ جي رسائي کي آئين تحت بنيادي انساني حق قرار ڏنو وڃي، ڌرين کان فائر وال متعلق سمورن تفصيلن تي رپورٽ طلب ڪئي وڃي. درخواست ۾ سيڪريٽري ڪابينا، سيڪريٽري آءِ ٽي، گهرو سيڪريٽري، پي ٽي اي، انساني حقن واري وزارت کي به  ڌر بڻايو ويو آهي.