اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي جو بنيادي سبب ٻڌائي ڇڏيو. پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ جي سستي جو بنيادي ڪارڻ 7 سب ميرين ڪيبلز مان 2 ۾ خرابي آهي. پي ٽي اي جو چوڻ آهي ته سب ميرين ڪيبل اَي اَي اِي – 1 ۽ ايس ايم ڊبليو 4 ڪيبل ۾ خرابي آهي. پي ٽي اي طرفان چيو ويو آهي ته ايس ايم ڊبليو 4 سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي آڪٽوبر تائين ٺيڪ ٿيڻ جو امڪان آهي. پي ٽي اي موجب سب ميرين ڪيبل اَي اَي اِي -1 جي مرمت ڪئي وئي آهي، انٽرنيٽ جي صورتحال بهتر ٿيندي.