ممبئي (شوبز نيوز) مشهور هدايتڪار انيس بزمي آخرڪار اداڪار شاهد ڪپور سان گڏ پنهنجي لاڳاپن تي ڦهلجندڙ افواهن تي وضاحت ڏئي ڇڏي آهي، سندس چوڻ آهي ته شاهد سان گڏ سندس منسوخ ٿيل ڪاميڊي فلم جي باوجود سندن ذاتي لاڳاپن ۾ ڪا تلخي ناهي، ۽ اهو ٻيهر ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، انيس بزمي ٻڌايو ته فلم بڻائڻ وقت ٻنهي ماڻهن وچ ۾ مڪمل اتفاق ضروري هوندو آهي، مان هڪ مخصوص انداز ۾ ڪم ڪندو آهيان، جيڪو مون کي آرامده محسوس ڪرائيندو آهي، ۽ ايترن سالن بعد ان کي تبديل ڪرڻ مشڪل آهي، شاهد جا به پنهنجا خيال ۽ طريقا آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻئي سوچون پاڻ ۾ ناهن ملنديون، پر  اها ڪا وڏي ڳالهه ناهي، بزمي وڌيڪ چيو ته شاهد تمام سٺو آهي ۽ ساڻس گڏ ڪ ڪرڻ سدائين خوشگوار هوندو آهي، منهنجي دل ۾ سندس لاءِ تمام گهڻي محبت آهي ۽ اهو به مون سان محبت ۽ احترام سان ڳالهائيندو آهي، جيڪڏهن اسان جا خيال هڪ ڀيرو ٻيهر مليا ته اسان يقيني طور هڪ بهترين فلم ٺاهينداسين، شاهد ڪپور ۽ رشميڪا مندانا کي کڻي بڻائي ويندڙ فلم 2023 ۾ شروع ٿيڻي هئي، پر شاهد جي پروجيڪٽ ڇڏڻ بعد فلم ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته انيس بزمي سمورين افواهن کي رد ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سندس ۽ شاهد وچ ۾ ڪي ذاتي اختلاف ناهن.