انوشڪا ڪورونا خلاف گڏجي وڙهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

0
39

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما ڀارتي عوام کي ڪورونا جي خلاف متحد ٿي وڙهڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.ڀارتي اداڪاره انوشڪا شرما انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن سالگرهه جي مبارڪ ڏيندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ ۽ مشڪل حالتن ۾ مونکي سٺو نٿو لڳي ته آئون پنهنجي سالگرهه ملهايان، آئون ان موقعي تي ڀارتي عوام کي اپيل ٿي ڪريان ته هن مشڪل حالتن ۾ متحد ٿيو.انوشڪا شرما چيو ته آئون ۽ ويرات ڪوهلي ڪورونا جي ڪري پيدا ٿيندڙ ان بحراني ڪيفيت ۽ مشڪل حالتن ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ جلد هڪ مهم هلائڻ وارا آهيون جنهن ۾ عام ماڻهون به پنهنجو حصو وجهي سگهن ٿا.