نئين دهلي (شوبز نيوز) اڄ دنيا ۾ جتي ويرات ڪوهلي ۽ انوشڪا شرما کي هڪ مثالي جوڙو سمجھيو وڃي ٿو، سندن پريم ڪهاڻي جو هڪ ڪمرشل شوٽ دوران هڪ عجيب ۽ دلچسپ واقعي کان شروع ٿي هئي. آمريڪي صحافي گراهم بينسنگر سان هڪ انٽرويو ۾ ويرات ڪوهلي پنهنجي ۽ انوشڪا جي پهرين ملاقات جو ذڪر ڪيو. ويرات اعتراف ڪيو ته ان وقت هو بلڪل گهٻرايل هو ۽ خاص طور تي پنهنجي قد جي حوالي سان پريشان ٿيو هو، ڇو ته کيس ٻڌايو ويو هو ته انوشڪا اُن کان ٿوري ڊگهي لڳي سگهي ٿي. سندس چوڻ هوته ان ٻڏتر ۾ هن انوشڪا کان چئي ڏنو ته ” اڃا ٿورا وڏا هيلز پائين ها؟” پر اهو مذاق مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيو. ويرات ياد ڪندي چيو ” مان بلڪل نروس هئس، سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڳالهه ڪيئن شروع ڪجي، تنهنڪري بنا سوچڻ سمجهڻ جي اهو چئي ويٺس. ڀارتي بيٽر موجب، ان موقعي تي انوشڪا جو ردعمل بلڪل مختلف هو، انوشڪا، تِکي انداز ۾ جواب ڏنو، ”ايڪسڪيوز مي؟“ ۽ اِها گهڙي ويرات لاءِ هڪ سبق بڻجي وئي. ڪوهلي موجب، کيس ان وقت پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ هن مُرڪندي چيو ته هو اندران پاڻ کي مڪمل بيوقوف محسوس ڪري رهيو هو.