حيدرآباد( بيورو رپورٽ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي اٺين ورسي جي موقعي تي قاسم آباد جي مقامي هال ۾ ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري جي شهادت کانپوءِ جيڪا پارٽي قاسم مان کٽي وئي، اهي ئي ان جا قاتل آهن، پر رياست انهن قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري، ڊاڪٽر انور لغاري کي سازش تحت شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته مرڪزيت پسند سياسي جماعتن جي ايجنڊا تي سنڌ جي ڊيموگرافي جو تحفظ، خوشحالي، وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جو حق، سنڌي ماڻهن جي وطن تي سنڌين جي مالڪي وارو نقطو ناهي، سنڌ شاهوڪار وطن آهي، ان ڪري سنڌ تي حملا ٿيندا رهيا آهن، 47ع کان وٺي طاقت جي زور تي طاقتور ڌرين سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻي سنڌ جي حق حڪمراني اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪئي آهي جيڪي سنڌ دشمن قوتن جا سهولتڪار بڻجي ڪم ڪندا رهن ٿا. هن چيو ته ايوب خان کان وٺي آصف علي زرداري تائين سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون نيلام ٿينديون رهيون آهن، ملڪي سياست کي ذاتي مفادن، خوف ۽ لالچ جو نالو ڏنو ويو آهي، نااهل ۽ بي ايمان حڪمراني تي قبضو ڪري ويٺل آهي، سنڌ ۽ وفاق ۾ بي ايمان بيوروڪريسي ۽ اشرافيا پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ جا خواب ڏسندي رهندي آهي، رٽائرڊ ججز، جنرلز، ڪامورن ۽ سياستدانن جا وڏا اثاثا سامهون اچي وڃن ٿا، هو وڏيون ملڪيتون ٺاهي ويندا آهن. هن چيو ته پاڪستان کان جدا ٿيندڙ بنگالين جي ملڪي دولت پاڪستان کان وڌيڪ آهي، انهن وٽ عورتون خودمختيار ۽ آزادي آهن، اتي بس ڊرائيور کان وٺي هر شعبي ۾ عورت جي نمائندگي آهي. هن چيو ته اسان سنڌ اندر ميرٽ چاهيون ٿا، پبلڪ سرورس ڪميشن سنڌ ۾ وڏي تباهي ڪئي آهي، سنڌ جي قومي ڪارڪنن ايوب، يحييٰ، ڀٽو، ضياءَ ۽ مشرف جي ڪڙي دور جو مقابلو ڪيو آهي ۽ زرداري ٽولي جو به مقابلو ڪندا.هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ مشرف وچ ۾ ٿيل ٺاهه کانپوءِ 2008ع کان مسلسل سنڌ تي پيپلزپارٽي حڪمراني ڪري رهي آهي ۽ پيپلزپارٽي جي حڪمراني واري دور سنڌ کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي ايندڙ عام چونڊن ۾ سنڌ دوست اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بي ايماني، ڪرپشن ۽ لالچ جو ئي اهو نتيجو آهي ته سنڌ سان تعلق رکندڙ بي ايمان ۽ سنڌ دشمن اسيمبلي جا نمائندا اسان جي وطن جي خلاف بيهي ٿا وڃن ۽ هر سنڌ دشمن منصوبي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪن ٿا، ون يونٽ دوران به اهڙن ئي اسيمبلي ميمبرن ان جي حق ۾ ووٽ ڪيو ۽ ساڳين ئي اسيمبلي ميمبرن اڳتي هلي سنڌ اسيمبلي ۾ ٻٽي مڪاني نظام ذريعي سنڌ کي ورهائڻ واري قانون جي حق ۾ ووٽ ڪيا هئا. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته رياست جڏهن افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهي انهن کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ته ان فيصلي خلاف عدالت ۾ ڪير ويو آهي ۽ اها سنڌ دشمني ڪنهن ڪئي آهي. هن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي تباهه ڪئي وئي آهي، سنڌ جي ڊيموگرافي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، پيپلزپارٽي انهن سمورن سازشن ۾ سهولتڪار ۽ مددگار آهي، ڇو ته عمران خان جي دور ۾ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ معاهدي تي به پيپلزپارٽي جي حڪومت صحيح ڪئي هئي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري گهر گهر وڃي سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪئي، ان ئي ڏوهه ۾ کيس قتل ڪيو ويو، شهيد جدوجهد ۾ هميشه زندا آهن. هن چيو ته سنڌ اندر سون جي تعداد ۾ وڏيرا ۽ سردار آهن جيڪي وطن فروشي ڪن ٿا، جن سنڌ کي لٽيو ۽ ڦريو آهي، ڪجهه درٻاري ليکڪ بلاول کي نوجوانن جو ليڊر سڏين ٿا، پر پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ سنڌ جي نوجوانن کي نه سٺي تعليم ڏني وڃي ٿي نه ئي انهن لاءِ ميرٽ تي نوڪريون آهن. هن چيو افغاني رڳو پنجاب ۾ ناهن، افغاني سڀ کان وڌيڪ سنڌ اندر آباد آهن، پر سنڌ ۾ انهن خلاف ڪو به آپريشن نٿو ٿئي، جيڪا رياست جي ٻٽي پاليسي آهي. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو چيو ته سنڌ ڌارين حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي. شاگرد اڳواڻ امر آڪاش چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري تاريخ ساز ماڻهو هو، ڊاڪٽر انور لغاري جي قتل ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي وسيلن کي نيلام ڪري ڇڏيو آهي، ميرٽ جي لتاڙ ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن ذريعي پنهنجي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون، سنڌ جي غريب ۽ مسڪين شاگردن سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، نوجوان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تي اعتبار نٿا ڪن. ڊاڪٽر قمر الزمان راڄپر چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، هر ڏينهن بيگناهه نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون، پر انهن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي .سنڌ صوفي فورم جي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌ جي وڏيرن ۽ سردارن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون، جيڪا سڌي ريت ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل نوجوانن سان ناانصافي آهي، عدالتون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي جو نوٽيس وٺن. ايس يو پي جي اڳواڻ امير علي ٿيٻو چيو ته شهيد ڊاڪٽر انور لغاري سياسي طور تي هڪ صالح ڪاڪنن هو، هن سياست کي عبادت سمجهيو هو، هو غريبن جو همدرد ۽ ڏکئي وقت ۾ هر ڪنهن کي ڪم ايندڙ ماڻهو هو. هن چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙي ٿي رهي آهي، پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي 95% سيڪڙو کان وڌيڪ مارڪون کڻي ايندڙ نوجوانن کي نوڪري نٿي ملي، پر سفارش ۽ پيسن تي اهي نوڪريون پ پ حڪومت جي وڏيرن کي ڏنيون وڃن ٿيون.