ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا انمول بلوچ جي جلد شادي ٿيڻ بابت خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪر ي رهيون آهن، سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته انمول بلوچ هلندڙ سال جي وچ ڌاري شادي جي ٻنڌڻ ۾ٻڌجي ويندي؟ جڏهن ته اهي خبرون به هلي رهيون آهن ته هوءَ هڪ سياستدان جي پٽ سان نئين زندگي شروع ڪرڻ واري آهي.  هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انمول بلوچ هڪ اعليٰ حڪومتي عهدن تي رهندڙ مشهور صنعتڪار جي نهن ٿيندي، سندس گهوٽ جو نالو عمير بيگ آهي، جيڪو مشهور بزنس مين جو پٽ ۽ مشهور بزنس گروپ ”بيگ گروپ“ جو ڊائريڪٽر آهي. ياد رهي ته هيل تائين اداڪاره انمول بلوچ پاران انهن خبرن جي تصديق يا ترديد سامهون ناهي آئي.