
حيدرآباد(رپورٽ: منير راڄڙ) جڏهن توسان نيڻن جو ناتو ڇنو هو، تڏهن ڏور آڪاش ڪيڏو رنو هو، جڏهن جيءُ جهورڻ آيون هي جدايون، الائي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون جهڙيون سٽون سرجيندڙ سنڌ جي مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر آڪاش انصاري پراسرار نموني فوت، قتل جو شڪ ظاهر. تفصيل موجب سنڌ جو وڏو شاعر ۽ ناميارو اديب آڪاش انصاري گذريل ڏينهن پنهنجي حيدرآباد واري سچل آباد جي گهر نمبر 106 سٽيزن ڪالوني ويجهو گذريل رات 12 وڳي تائين دوستن سان ڪچهري ڪرڻ بعد آرامي ٿيو ته صبح جو 8 وڳي ڌاري سندس ڪمري ۾ باهه ڀڙڪي پئي. باهه جو سيڪ اچڻ تي ڀرواري ڪمري ۾ ستل سندس پاليل پٽ شاهه لطيف انصاري ٻاهر نڪري ڏٺو ته ڪمري ۾ باهه لڳي وئي آهي. هن دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر کانئس دروازو نه کليو جنهن تي گهر ۾ موجود ڊرائيور محمد جمن انصاري دروازي کي چاٻي سان کوليو ۽ واقعي جي ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو ويو جنهن پهچي باهه تي ضابطو آندو ته اندر آڪاش انصاري سڙيل حالت ۾ فوت ٿيل مليو جنهن کي ريسڪيو 1122 جي ٽيم سول اسپتال پهچايو. آڪاش انصاري جو مڙهه پهرين ته پوليس بنا پوسٽ مارٽم جي بدين روانو ڪري ڇڏيو ، پر جڏهن وارثن واقعي ۾ قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ته سندس لاش واپس گهرائي سول اسپتال نيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد غسل ڪرايو ويو ۽ غسل بعد سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ”هن دل ڪرڻ ٿي چاهيا توسان هزار جهيڙا، پر دل وري چيو ايئن توسان حساب ڪهڙا، پيار پيار آهي، واپار يار نه آهي، ويهي ڪجن پوءِ ڪهڙا هر بات تي بکيڙا.“ جهڙيون عظيم سِٽون لکندڙ آڪاش انصاري جي واقعي جو ٻڌي سول اسپتال حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي جا ڪيترائي وڏا نالا پهچي ويا جن ۾ناليوارو اديب جامي چانڊيو، پروفيسر بيکا رام، ذوالفقار قادري، ذوالفقار هاليپوٽو، اندرجيت لوهاڻو ۽ ٻين پنهنجي موجودگي ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو پوسٽ مارٽم ڪرايو. پوسٽ مارٽم وقت موجود ذوالفقار هاليپوٽو پنهنجي سوشل ميڊيا جي وال تي رکيل پوسٽ ۾ چيو آهي ته سول اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم دوران ڊاڪٽر علم الدين، ايڊووڪيٽ اندرجيت، اظهار سومرو، ذوالفقار قادري، ڊاڪٽر بيکا رام ۽ ٻيا موجود هئا جن سمورن آڪاش انصاري جا سمورا ايڪسري ڏٺا جنهن ۾ پتو پيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي هڪ ٽنگ جي هڏي ۽ آڱريون ٽٽل آهن، ڳلي ۾ پاسي کان وڏو وڍ ڏنل آهي، سيني کان مٿي ٻن انچن جا گهرا ڌڪ لڳل آهن، ماس نڪتل هو جتان هٿ رت وهي رهيو هو، پٺي کان تيز ڌار اوزارن سان ڪٽ ڏنل هئا جتان پڻ مسلسل رت نڪري رهيو هو ۽ پيٽ تي به زخم جا نشان آهن. ٻئي طرف ميڊيڪو ليگل شعبي جي پوليس سرجن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي جسم تي 3 زخم جا گهرا نشان آهن جيڪي تيز ڌار آلي سان لڳا آهن. هڪڙو چهري، هڪ پٺي ۽ هڪ ٻئي حصي تي نشان آهن. هن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو جسم 80 سيڪڙو سڙي چڪو هو ۽ هن جي ڪپڙن مان گاسليٽ جي بوءَ پڻ اچي رهي هئي. ذوالفقار هاليپوٽي ۽ سول سرجن جي ابتدائي پوسٽ مارٽم ۾ ٻڌايل معلومات مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌ جي ڀلوڙ شاعر آڪاش انصاري کي بيدردي سان تيز ڌار اوزار سان قتل ڪري ان بعد گاسليٽ هاري ماريو ويو آهي. سنڌ جي هن يگاني شاعر جي اوچتي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جا لکين چاهيندڙ سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس اوچتي وڇوڙي سبب سندس بدين واري گهر تي سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهو پهچڻ شروع ٿي ويا.
ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر ۾ باھه لڳڻ سبب لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي واقعي جا تفصيل طلبي ورتا. وڏي وزير حيدرآباد انتظاميا کي هدايت ڪئي ته انهي واقعي جي پيرائتي جاچ ڪري کيس رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌي ادب جو هڪ روشن ستارو هو، سندس ادبي ۽ ثقافتي خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. ھوڏانھن صوبائي وزيرن ذوالفقار شاھه ۽ سردار شاھه سسئي پليجو ۽ ٻين پاران پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.