حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ڪامريڊ ڄام ساقي جي 80 هين سالگرهه اڄ ملهائي ويندي. سالگرهه جي موقعي تي سندس ساٿين پاران قاسم آباد جي چانڊيا ڳوٺ هيپي هومز وٽ قائم سنڌ فرينڊس آرگنائيزيشن جي آفيس جي اڱڻ تي شام جو 5 وڳي تقريب ٿيندي جنهن ۾ مظلوم ۽ پورهيت طبقي لاءِ سڄي ڄمار جدوجهد ڪري ٽارچر سيلن ۾ تشدد برداشت ڪندڙ ڪامريڊ ڄام ساقي جا ساٿي، سياسي ڪارڪن، دانشور، اديب ۽ شاعر شرڪت ڪري کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندا.