ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بزنس فيسليٽيشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي جائزي واري اجلاس ۾ صنعتي علائقن مان حددخليون هٽائڻ ۽ شهر جي بنيادي اسٽرڪچر جي ترقي لاءِ عدالت ۾ قانوني ڪارروائي هيٺ ڦاٿل 180 ارب رپين جي انفرااسٽرڪچر سيس جي مسئلي جي حل سميت ڪجهه اهم فيصلا ڪيا ويا. مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آھي. وڏي وزير واپاري برادري سان مشاورت ڪندي ڪي اليڪٽرڪ بورڊ ۾ سنڌ حڪومت ۽ مقامي ڪاروباري برادري کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 7 ذيلي ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن جن مان پنج انڊسٽريل پاليسي اينڊ ايز آف ڊئنگ بزنس ڪاميٽي، انفراسٽرڪچر سيڪٽر ڪاميٽي، هائوسنگ، تعميراتي ۽ ٽائون پلاننگ سيڪٽر ڪاميٽي، انرجي اينڊ واٽر، سيوريج سيڪٽر ڪاميٽي ۽ انڪروچمينٽ/لينڊ گريبنگ ڪاميٽي جا اجلاس ٿي چڪا آهن. واپاري برادري گيس ليڪيج جا نقصان گهٽائڻ لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ايل اين جي بدران مقامي گيس استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته جيستائين وڌيڪ صنعتون نه لڳنديون تيستائين بجلي جا اگهه گهٽ نه ٿيندا. ڪي اليڪٽرڪ ۾ نمائندگي جي درخواست لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت مان هڪ، بزنس چيمبر مان هڪ ۽ سنڌ حڪومت جو هڪ نمائندو ڪي اليڪٽرڪ جي فيصلي ساز اداري جو حصو هجڻ گهرجي جيڪي بجلي جي بندش، گهٽ وولٽيج ۽ مرمت ۽ سار سنڀال جا مسئلا حل ڪندا. واپاري برادري سنڌ حڪومت سان ڪوئلي جي مختلف منصوبن جهڙوڪ ڪوئلي مان بجلي، ڪول مان گيسفڪيشن ۽ صنعتن کي ڪوئلي جي فراهمي تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.وڏي وزير تجويز ڏني ته توانائي جا سودا پرڏيهي ڪرنسي ۾ نه ٿيڻ گهرجن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمشنر ڪراچي کي زمينن تي قبضي جي شڪايت تي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ناڻي کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري نسيم عباسي لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ناڻي کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري نسيم عباس عباسي وفات ڪري ويو. ورتل تفصيلن موجب نسيم عباسي ڪالهه پنهنجي گهر ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ڪجهه وقت اڳ ۾ کيس اسٽنٽ لڳا هئا. سندس وفات تي سنڌ جي آفيسرن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. هو 18 هين گريڊ جو آفيسر هو، هن وقت ناڻي کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيل هو. هن جو تعلق لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ وڏو واهڻ سان هو. سندس تدفين اتي ڳوٺ ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي وارث مڙهه کي ڳوٺ کڻائي ويا. نسيم عباسي ان کان اڳ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستان اسٽڊي جو ليڪچرر رهي چڪو هو، هن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پي ايس ايس سروس جوائن ڪئي. سندس شمار سٺن آفيسرن ۾ ٿيندو هو. ٻئي طرف سندس وفات جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ آفيسر سندس ڪراچي واري رهائشگاهه تي پهتا.
پارٽين جي اجلاس دوران اڳواڻن ۾ منهن ماري، آفاق احمد جو به ذڪر
ڪراچي: اجلاس دوران سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ پاران ڊاڪٽر آفاق احمد جو ذڪر ڪرڻ تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر ۾ عالمي سرگرميون ٿين پيون، اسان کي ڏسڻو پوندو ته ڪير ڪنهن جي چوڻ تي هلي پيو، اجلاس ۾ موجود گهرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو ته آفاق احمد ساڙڻ ۽ ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪئي، ان جو هتي ذڪر نه ٿيڻ گهرجي. آفاق جيل ۾ آهي ساڻس ڳالھ نه ٿي ٿي سگهي. شرجيل ميمڻ چيو ته حادثن جي حوالي سان قانون موجود آهي ان تي مفروضن جي بنياد تي ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن. فاروق ستار مقرر وقت کان وڌيڪ ڳالهايو ته فاروق ستار چيو ته آئون دير سان آيو آهيان ڳالهائيندس، اسان جي خيال ۾ وڏي وزير کي هتي اچڻو هو ان ڪري آيس ٻڌايو ها ته شرجيل ميمڻ صدارت ڪندو ته نه اچان ها اسان جا 3 اڳواڻ ڪافي هئا. شرجيل ميمڻ چيو ته خبر ناهي هن کي ڪنهن ٻڌايو ته وڏو وزير ايندو، مون اپوزيشن ليڊر کي ٻڌايو هو ته صدارت آئون ڪندس.