گجرانوالا (اسپورٽس نيوز)قومي پهلوان انعام بٽ هندستان جي مسجدن تي حملن کي بزدلانه قرار ڏنو آهي ۽ انهن جي مذمت ڪئي آهي. گجرانوالا مان جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ انعام بٽ چيو ته هو ڀارت ۾ مسجدن تي بزدلانه حملن جي مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته هو پاڪستان فوج کي مناسب جواب ڏيڻ تي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته هو پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺو آهي ۽ وقت اچڻ تي پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان نه ڊڄندو.