سکر (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ عقيل احمد عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته انصاف ڪيو، انصاف سان معاشرو بھتر ٿيندو، ناانصافي سان ملڪ کي نقصان پهچندو آهي، صحافين کي آفرين آهي جيڪي مشڪلاتن معاملن باوجود حق سچ جو آواز اڳتي پھچائن ٿا، اسان سندن جو قدر ۽ تعريف ڪندا رهيا آهيون، اسان جي ته ڪوشش آهي ته الله پاڪ کان خوف کائون، لالچ ته اسان جي ويجهو ناهي آئي، ججن جي حوالي سان ڪو اشو ناهي آيو، وڪيل ۽ ججن وچ ۾ تعلقات بهتر هوندا آهن ته عوام کي رليف ملندو، هن چيو ته واعدو ڪندو ناهيان جيڪڏهن ڪندو آهيان ته وساريندو ناهيان، ڪم ڪرڻ جو جنون آهي، جوڊيشري ۾ پروموشن بابت ڏکيا فائيل رجسٽرار کي کڻي اچڻ لاءِ چيو هو، سٺي ڪم لاءِ هڪ لمحو ۽ ڏينهن به ڪافي آهي، مونکي جيڪو ڪم ڪرڻو آهي اهو ڪري رهيو آهيان، موجودهه حالتن ۾  وڪيل نه هجن ته سچ ۽ حق جو آواز ڪير اٿاريندو، چيف جسٽس ٿيڻ وقت چيو هو ته جج ڏانهن ڏسندس ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي به ڏسندس، تقريب کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر قربان ملاڻو، جنرل سيڪريٽري آچر گبول ۽ ٻين به خطاب ڪيو، تقريب ۾ جسٽس عدنان الڪريم، جسٽس محمد عبدالرحمان خان، جسٽس ارباب علي هڪڙو، سيشن جج شڪارپور منو مل، سيشن جج سکر منور علي مهيسر، سيشن جج نيب سيد ناصر الدين شاهه، ايڊووڪيٽ علي رضا بلوچ، نور حسن ملڪ، نثار احمد ڀنڀرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.