انصاف جي عالمي عدالت ۽ ارضِ فلسطين جو ڪيس

0
41
انصاف جي عالمي عدالت ۽ ارضِ فلسطين جو ڪيس

 علم الانسان ۽ معاشرتي سائنس توڙي تاريخ جو سائنسي مطالعو ڪندڙ محقق ان باريڪ پر بي انتھا منجھيل نقطي مٿان متفق آھن ته، “انساني معاشري جي عظيم حاصلات قانون جو قيام آھي”. قانون جو پھريون تصور ڪنھن ڏنو؟ ان سوال جو جواب ته مصنوعي ذھانت وٽ به موجود ناھي پر ڪو ته ھوندو، جنھن پھريون ڀيرو ان اصول تي ماڻھن ۾ اتفاق پيدا ڪيو ھو ته، “ھي اصول يا قاعدو اھڙو آھي، جنھن تي ھر ڪنھن کي عمل ڪرڻو آھي”. تاريخ سدائين ثابت ڪيو آھي ته جڏھن به انسان اصولن جي ماتحت ھوندا آھن، تڏھن انھن جي ارتقاءَ جو سفر سڌي رستي تي ٿيندو آھي ۽ انھن کي من چاھي منزل به ملندي آھي پر جڏھن به ماڻھو قانون کي پنھنجي ماتحت ڪري معاشري مٿان پنھنجي مرضي مڙھيندا آھن، تڏھن معاشري جو سمورو سٽاءُ ڊھي ڍير ٿي ويندو آھي. تڏھن سمورو سماج پنھنجون واٽون وڃائي ويھندو آھي. اھڙي عمل جي نتيجي ۾اھڙو بحران پيدا ٿيندو آھي، جيڪو بدنظمي ۽ بدامنيءَ کي جنم ڏيندو آھي. جنھن جي باعث معاشرو پنھنجي معنيٰ کان محروم ٿي ويندو آھي. انسان انارڪي (Anarchy) جي ور چڙھي ويندو آھي. ان لاءِ دنيا جو ھر ديس ڪنھن نه ڪنھن قانون جي تابع ھجڻ ۾ ئي پنھنجي بھتري، پنھنجي ڀلائي ۽ پنھنجي ترقي ڏسندو آھي. اھا حقيقت آھي ته اسان قانون کان سواءِ دنيا ۾ انسانن جو تھذيب يافتا وجود ممڪن سمجھي نه ٿا سگھون ۽ اھا به حقيقت آھي ته دنيا ھن وقت تائين پنھنجي پنھنجي مفاد واري قانون کي پوري دنيا مٿان مسلط ڪرڻ جي جنگي جستجو ڪندي رھي آھي ۽ ان جي نتيجي ۾ انسانن جو وھندڙ خون ۽ ڪرندڙ گھرن جا ملبا ۽ ماڻھن جا امن ۽ انصاف لاءِ ڳاھٽ اھڙو ماحول پيدا ڪن ٿا، جنھن جو حل به صرف ۽ صرف ان قانون وٽ ئي آھي، جنھن تي اسان سڀني جو اتفاق ھجي.

دنيا جا ملڪ مختلف نظرين ۽ قدرن مطابق قانون جي تشڪيل ڪري ويٺا آھن. اھڙي گھڻ طرفي قانوني طريقي ۾ ڪنھن اھڙي عمل جو ھجڻ به ضروري آھي، جنھن تي عالمي طور اتفاق ڪيو وڃي. 1914ع جي دوران پھرين ۽ 1939ع جي دوران ٻين مھاڀاري جنگ ۾ لکين ماڻھن کي لاشن ۾ تبديل ڪرڻ کان پوءِ مغربي ملڪن ۾ ان معاملي تي اتفاق ٿيو ته ليگ آف نيشنز (League of Nations) جي ناڪاميءَ کان پوءِ بين الاقوامي سطح تي اھڙي اداري جي ضرورت آھي، جيڪو علائقائي ۽ عالمي ڦڏا فسادن تائين پھچڻ کان اڳ ۾ انھن کي نبيري جي صورت عطا ڪري. اھڙي طرح ليگ آف نيشنز جي جاءِ تي گڏيل قومن جو ادارو (United Nations) وجود ۾ آندو ويو. 1945ع جي دوران قائم ڪيو ويندڙ ان اداري ۾ ويٺل قومون ھڪ ٻئي سان ڪيترو سھمت ۽ سلھاڙيل آھن؟ ان سوال جي تلخيءَ کي ھڪ طرف رکندي اسان ان پوائنٽ تي پوريءَ طرح نه ته اڌوري انداز سان اتفاق ڪرڻ لاءِ پاڻ کي مجبور محسوس ڪريون ٿا ته جيڪڏھن سخت اختلاف ھوندي به عالمي برادريءَ وٽ گڏيل قومن جو ادارو نه ھجي ھا ته دنيا وڌيڪ درد جي آغوش ۾ نظر اچي ھا.

1945ع دوران جڏھن گڏيل قومن جي اداري کي وجود ۾ آندو ويو ته ان جي ڇھن اھم انگن ۾ ھڪ انگ “انصاف جي عالمي عدالت” جو به شامل ھو. ڇو ته دنيا جي ملڪن اندر ته ھر حڪمران ڌر پنھنجي پنھنجي آئين ۽ قانون جي مطابق وھنوار ھلائڻ ۽ ماڻھن سان جزا ۽ سزا وارو سلوڪ اختيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ ته آزاد ھئي ۽ آھي پر جڏھن ڪو معاملو ڪنھن ملڪ جي سرحد کان بلند ٿي بين الاقوامي اشو بڻجي ٿو ته ان جي حل لاءِ ھڪ اھڙي انصاف ۽ قانون جي اداري جو بنياد رکيو ويو، جنھن جا 15 جج پوري دنيا مان کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ھونءَ ته ھن مھل تائين گڏيل قومن جي ادارو آمريڪا ۾ پنھنجو بنياد رکي ٿو پر ان اداري جي عالمي انصاف واري عدالت جو مقام يورپ جي حسين ملڪ نيدرلينڊ جي انتھائي خوبصورت ماڳ تي موجود آھن. ھي اھو ھنڌ آھي، جتي عالمي ڪيس انصاف لاءِ داخل ڪيا ويندا آھن. اھڙن ڪيسن جي حوالي سان سڀ کان اڳ ۾ ته اھو فيصلو ڪيو ويندو آھي ته ڇا اھو ڪيس عالمي انصاف واري عدالت جي معيارن مطابق ٻڌڻ جوڳو به آھي يا نه؟ اھوئي سبب آھي ته جڏھن پاڪستان پاران “لائن آف ڪنٽرول” جي آس پاس اڏامندڙ جھاز کي ڀارت پاران ڪيرائڻ ۽ جھاز ۾ سوار فوجين کي مارڻ خلاف عالمي عدالت جو در کڙڪايو ويو ھو ته عالمي عدالت اھڙي ڪيس جي ڪارروائي ھلائڻ کان معذرت ڪئي ھئي پر اھا ساڳي عدالت آھي، جنھن ۾ پاڪستان ۾قيد ڀارت جو مبينا  جاسوس ڪلڀوشن جو ڪيس ھن مھل تائين ھلي پيو ۽ ھن مھل تائين ان جو فيصلو نه ٿيو آھي. جڏھن ڪنھن کي اھو معلوم به نه ھجي ته ان ڪيس جو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟ تڏھن ان ڪيس جو فيصلو ڪھڙو ٿيڻ واري سوال جي جواب تي سوچڻ به عبث آھي.

ھن وقت انصاف جي عالمي عدالت ھڪ ڀيرو ٻيھر عالمي ميڊيا جي ھيڊلائنن ۾ اچي رھي آھي. ڇو ته جڏھن 21ھين صديءَ ۾ اسرائيل قبضي ڪيل ملڪ فلسطين جي ھڪ ننڍڙي ۽ ساحلي شھر کي ھڪ تاريخي قوم جو مقتل بڻائي ڇڏيو ۽ پوري دنيا ۾ احتجاج به ٻري اٿيا ۽ دانھون نبيري جو راھون تلاش ڪرڻ لڳيون، ان وقت آمريڪا، ايشيا، يورپ ۽ آسٽريليا کي پويان ڇڏي آفريڪا جي ھڪ ملڪ فلسطينن جي مٿان مُنيءَ صديءَ کان وٺي ھلندڙ ظلم کي روڪڻ جي لاءِ انصاف واري عالمي عدالت جو ڪڙو کڙڪايو ۽ عالمي عدليا جي ججن آڏو انصاف لاءِ پوري زور سان پڪار ڪري آمريڪا جي اکين جي تاري ۽ يورپ لاءِ ڏکندڙ کڙيءَ جھڙي ملڪ مٿان نسل ڪشي يعني (Genocide) جي تھمت ھڻي اھا درخواست داخل ڪئي ته اسرائيل فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي ڪري رھيو آھي ۽ اھو ڪيس نه صرف داخل ڪيو وڃي پر ان تي انصاف به ڏنو وڃي.

اسرائيل ڏکڻ آفريڪا جي اھڙي عمل تي پنھنجي ھٺ ڌرميءَ واري ڪاوڙ جو اظھار ته ڪيو ۽ اھو به چيو ته اھڙي ڪوشش ڪڏھن به ڪامياب نه ٿيندي پر آمريڪا ڪافي ۽ يورپي ملڪن کي ٿوري گھڻي تشويش ھئي پر جڏھن نيلسن منڊيلا جي ملڪ جي حڪومت کي اھو حق حاصل ٿيو ته انصاف واري عالمي عدالت فلسطين جي حق ۾ انھن جو مقدمو پوري غور ۽ ذميواريءَ سان ٻڌندي، تڏھن ڏکڻ آفريڪا جي ڏکايل عوام جي مک مٿان ٻين وڏي فتح جي حصول سبب مرڪ جي مکڙي ٽڙي گل بڻجي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي پھرين ڪاميابي پنھنجي ملڪ مٿان گورن جي راڄ خلاف ھئي، جنھن ۾ لکين انسانن قربانيون ڏنيون ۽ جنھن سبب آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻ نيلسن منڊيلا پنھنجي پوري زندگي زندان جي سيخن پويان گھاري ڇڏي ۽ جڏھن ھن سان گڏ ھن جي ملڪ کي نسلي مت ڀيد واري سفاڪ سرڪار کان آزادي ملي ته پورو آفريڪا مگرمان واري ميوزڪ جيان وڄڻ لڳو ۽ نه رڳو انسان پر آفريڪا جا وڻ به ان ردم تي رقص ڪرڻ لڳا ھئا.

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ اھا ھڪ  نه صرف ھڪ علامتي پر عظيم ڪاميابي ھئي. ان ڪاميابيءَ جو سھرو انھن سمورن سياسي ڪارڪنن ۽ انھن سمورن قلمڪارن جي سر ھو، جن پنھنجي وجود جي جدوجھد ۽ قلم جي تحرير سان ان تحريڪ کي جنم ڏنو ھو، جنھن ۾ انسانن جو عالمي مقدر پنھان ھو. اھوئي سبب ھو ته آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڏکڻ آفريڪا پنھنجي ڏک پنھنجي سائي ستابي ڌرتيءَ ۾ دفن ڪرڻ کان اڳ ۾ “سچ ۽ انصاف جي ڪميشن” حوالي ڪيا ھئا. ڏکڻ آفريڪا جي عظيم انسانن جو اھو جذبو پاڻ کان پوءِ ھن ڀيري جنھن قوم جي جھلڪي رھيو آھي، ان قوم جو نالو آھي فلسطين!

فلسطين مقدس ڪتابن ۾ ذڪر ھيٺ آيل ملڪ جو نالو ھجڻ سان گڏ ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف تخريبي ۽ تخليقي جدوجھد جو ھڪ اھڙو حوالو آھي، جنھن جي بيان ھن مھل تائين ھزارين ڪتاب لکيا ويا آھن. فلسطين جي ڪيس تي ھن وقت تائين ايترو ڪجھ لکيو ويو آھي، جيڪڏھن ان کي سھيڙجي ته تمام گھڻن ڪتاب واري لائبريري وجود ۾ اچي وڃي. اھو فلسطين جيڪو ڪڏھن آزاد ھو، جنھن کي انگريز ۽ يھودي سازش سان قبضي ھيٺ آڻي نه صرف غلام بڻايو ويو پر اتان فلسطين جي عوام کي بارود سان بيدخل ڪرڻ لاءِ جيڪا جنگ عام انسانن مٿان مڙھي وئي، ان خلاف ھن مھل تائين ڪو به عرب يا اسلامي ملڪ انصاف جي عالمي عدالت ۾ نه ويو. اھا پرامن ۽ پروقار عظمت ڏکڻ آفريڪا جي مقدر ۾ لکيل ھئي. ڏکڻ آفريڪا کي اھو ڪيس ھن جي تاريخي پس منظر سبب سونھين به ٿو.

نسل ڪشي واري اذيت مان گذريل ھڪ ملڪ جڏھن نسل ڪشيءَ واري اذيت مان گذرندڙ ٻي ملڪ جي مٿان اھو ڪيس داخل ٿو ڪري ته ھاڻي ھو پاڻ نسل ڪشيءَ جي جرم جو مجرم آھي ته اھا تاريخ جو ھڪ اھم موڙ بڻجي وڃي ٿو ۽ ان موڙ تي ھن مھل نه صرف اسان جو ملڪ پر پوري اسلامي دنيا ۽ نه صرف سمورا عرب ملڪ پر فرانس جھڙا يورپي ملڪ به اڳواٽ فيصلو فلسطين جي حق ۾اچڻ واري اميد رکي اھو اعلان ڪري چڪا آھن ته ھو انصاف واري عالمي عدالت جو فيصلو ھر صورت تسليم ڪندا.

فلسطين جي نسل ڪشي وارو ڪيس کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيڻ ئي ان ڪيس جي اڌ ڪاميابي آھي ۽ ان ڪارروائيءَ سبب اسرائيل جي صيھوني سوچ ۽ ان جو علمبردار حڪمران نيتن ياھو تمام گھڻي شرمساريءَ واري شڪست جي احساس ۾ وڪوڙجي ويو آھي. ھونءَ ته اسرائيل پنھنجي ھميشه واري ھٺ ڌرمي ۽ ھوڏ تي قائم رھندي اھڙي ڪيس جي فيصلي مڃڻ جي سلسلي ۾ ھاڻي کان انڪار ڪيو آھي پر ھن جي انڪار ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ جڏھن پورو عالم ان اعلان سان گونجڻ لڳو ته اسرائيل وچ اوڀر ۾ فلسطين جي عوام جي نسل ڪشي ڪري رھيو آھي ته اھڙي عالمي تھمت لڳل ملڪ سان جيڪو به ملڪ پنھنجا سفارتي ۽ واپاري تعلقات رکندو، پنھنجي ملڪ جي عوام ۽ عالمي برادريءَ آڏو وائکو ٿيندو. ان حوالي سان اھو ڪيس صرف مڃڻ ۽ نه مڃڻ واري حد تائين محدود ناھي. اھو ھڪ اھڙو عالمي اشو بڻجي ويو آھي، جنھن کان دنيا تيستائين اکيون ڦيرائي نه سگھندي، جيستائين معصوم ٻارن ۽ مظلوم انسانن جا لکين لاش کڻندڙ فلسطينن سان مڪمل انصاف نه ٿيندو.