اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته اسان جج انصاف نه ٿا ڪيون، انصاف ته الله جو ڪم آهي جج ته صرف دستاويز ڏسي فيصلا ڪندا آهن، آئين موجب سمورن انسانن جا حق برابر آهن، ڪنهن کان به اوهان زبردستي ڪم نه ٿا وٺي سگهو، اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان قوم جي حقن جي تحفظ لاءِ حلف کنيو آهي، الله مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي حلف جي پابندي جي توفيق ڏئي، هن چيو ته جڏهن اسان گڏ ويهنداسين ته مون کي يقين آهي مسئلا حل ٿي ويندا، ڪو مزدور ڪنهن جو غلام نه هوندو آهي. ڪانفرنس کي چيئرمين اين آءِ آر سي شوڪت عزيز صديقي خطاب ڪندي چيو ته 2024ع ۾ مون کي اين آءِ آر سي جي ذميواري ڏني وئي، جنهن بعد قانون پڙهيو ته خبر پئي مزدور ۽ مالڪ کي گڏ ڪرڻو آهي، اسان ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو، جتي مالڪ ۽ ورڪرز گڏجي ويهي ڳالهه ڪن، اڄ مالڪ ۽ ورڪر هڪ ميز تي آهن.