آسمان جو سينو چيريندي آخر ڪار چندريان- حيبتناڪ آواز سان گجگوڙ ڪندي جديد اوازن سان ليس چنڊ ڏانھن روانا ٿي ويو جيڪو ۲۳ آگسٽ تي ٺيڪ ۵ لڳي ۴۷ منٽن تي چنڊ جي ڏکڻ پول تي لينڊ ڪندو جتي پاڻي جا سڀ کان وڌيڪ ملڻ جا امڪان آھن جيڪو مستقبل ۾ اتي خلائي اسٽيشن جوڙڻ ۾ مدد ڪندو .

۱۹۰۲ع کان پھرين انسان پکين جيان اڏرڻ چاھيندو ھو پر انھن کي ڪھڙي خبر ته اھا خواھش صفا ننڍڙي آھي پکي به وايومنڊل جي پھرين سطح troposphere کي پار ناھن ڪري سگھندا، انسان اڳتي ھلي  وايو منڊل جو سينو چيري چنڊ تي قدم ڄمائيندو اڃان به ڏورانهين گرھ مريخ تي ھوا ۾ جھاز اڏاريندو …. اسان جون نيڪ تمنائون ان مشن ۾ انڊيا وارن سان گڏ آھن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)