حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شرڪت گاهه پاران ٽرانسجينڊر جي حقن لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين ۽ ٽرانسجينڊرز وچ ۾ ورڪشاپ ڪرايو ويو جنهن ۾ ٽرانسجينڊرن پاڻ سان پيش ايندڙ ڏکيائين بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ٽرانسجينڊرز جي اڳواڻ ثناءَ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين به ٻين وانگر انسان آهيون. اسين چاهيون ٿا ته اسان کي ڌار نه پر سڀني سان گڏ ڳڻيو وڃي. اسين به معاشري جي هر طبقي ۽ شعبي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. هنن ٻڌايو ته اسان جي حوالي سان بل پاس ٿيو آهي جنهن کي شعريت ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي. بل پاس ٿيڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نادرا کي اسان جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پر بل چئلينج ٿيڻ کانپوءِ نادرا ۾ سندن سڃاڻپ ڪارڊ ٺهڻ بند ٿي ويا آهن. هنن ٻڌايو ته سڃاڻپ ڪارڊ نه هئڻ سبب هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رجسٽرڊ نه پيا ٿي سگهن ۽ نوڪرين ۾ به اپلائي نٿا ڪري سگهن.