انساني نسل جي پيڙا کان نجات جو راز

    0
    82
    خوشي

     پروفيسر جيريمي گرفٿ ( Prof. Jeremy Griffith) آسٽريليا جا ماھر حياتيات آھن. ھن پنهنجي سموري ڄمار زندگي جي انوکي خاصيت يعني “چڱائي ۽ برائي” يا “نيڪي ۽ بدي” جي انساني الميي جي حياتياتي تشريح لاءِ ارپي ڇڏي آھي. پاڻ ھن وقت تائين ھن موضوع تي ست ڪتاب لکيا آھن جن مان 2003ع ۾ ھڪ ڪتاب (A Species in Denial) جڳ مشهوري ماڻي چڪو آھي، پر اڄوڪو مضمون سندس 2016ع ۾ ڇپيل “آزادي: انساني حالت جو اختتام” (Freedom: The End of Human Condition)  بابت جڳ مشهور انگريز اداڪار، پروڊيوسر، ھدايتڪار ۽ ليکڪ ڪريگ ڪانوي (Craig Conway) طرفان ورتل انٽرويو جو اختصار آھي.

                     پروفيسر جيريمي گرفٿ جي مٿئين ڪتاب جي باري ۾ ڪئناڊين سائيڪياٽرڪ ايسوسيئيشن جو سابق صدر چوي ٿو: “مون کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جيريمي گرفٿ جي حياتياتي تشريح انساني نسل جي نفسياتي بحالي جي سلسلي ۾ مقدس نظرئي جي بصيرت جو اعتراف آھي. اسان کي ھن ڪتاب جو انتظار ھو. ھي اھو ڪتاب آهي جيڪو دنيا کي بچائيندڙ آھي.”

    ھاڻي اچو ته ڏسون ته ھن ڪتاب ۾ “انساني حالت مان آزادي يا نجات” ۽ “انساني نفسياتي بحالي” جو مطلب ڇا آهي. ليکڪ مطابق انسانن جي سماجي نظام ۾ بدنظمي پيدا ڪندڙ ناڪاري روين جهڙوڪ مفادپرستي، جارحيت، مقابلو ڪرڻ يا ٻئي کي مات ڏيڻ جي ڪري ئي معاشري ۾ ھر وقت نفسياتي ڇڪتاڻ واري صورتحال رھي ٿي. انسانن جي نفسياتي بحالي يعني مسئلن کان آجپي واري سوچ، سمجھه ۽ ڪوشش انساني تاريخ ۾ ھزارن سالن کان وٺي اھم رھي آھي. پر ان لاءِ ضروري آھي ته اھڙي ڪوشش حياتياتي ۽ سائنسي علمن سان مطابقت رکندڙ، غيرمجرد ۽ غيرروحاني ھجي. سادن لفظن ۾ ھاڻي سوال اھو آھي ته اسان انسان ڪمن ڪارين ۾ يا ٻين انسانن سان تعلقات ۾ مفاد پرست، جارحاڻا ۽ مقابلي وارا يا مات ڏيندڙ رويا ۽ ڪردار رکندڙ ڇو آھيون جڏھن ته اھي رويا ھاڻي حد ٽپي ناقابل برداشت ٿي چڪا آهن؟ اھو ان ڪري آھي جو اسان سڀئي انسان ڪو نه ڪو عقيدو رکندا آھيون يا وري اسان کي اسڪولن ۾، ٽيليويزن توڙي فلمن ۾ يا وري ڊاڪيومينٽري پروگرامن ۾ اھو ڏيکاريو ۽ سيکاريو ويندو آهي ته اسان جا مٿيان رويا ۽ عمل اسان جي جانورن واري وحشياڻي ان ارتقائي دور جي پيداوار آھن جڏھن اسان ۾ ٻين جانورن وانگر پنھنجا جين پنھنجي نسل جي موزون اميدوار ۾ جبلتي ۽ لازمي طور منتقل ڪرڻ جي سوچ غالب ھوندي ھئي. جيتوڻيڪ کاٻي ڌر جا ماڻهو اھا پڻ دعويٰ ڪندا آهن ته انسانن ۾ ڪجهه بي-غرض يعني بنا ڪنهن لوڀ ۽ لالچ جي تعاون ۽ مدد ڪندڙ رويا موجود آھن پر ساڳئي وقت انھن ۾ جانورن واريون صفتون جيئن خودغرضي، مفاد پرستي، مقابلو ڪرڻ يا مات ڏيڻ  وغيره پڻ موجود آھن. ھنن کي ڪارل مارڪس ته بنيادي ضرورتن جهڙوڪ کاڌي، جنس، اجھي ۽ لٽي سان سلھاڙي ٿو، پر ابلاغ جي سڀني اظهارن ۾ مردن جو جارحاڻو، للڪاريندڙ ۽ مات ڏيندڙ رويو سندن جانورن واري دور جي جنگجو ھجڻ جي جبلت سان جوڙيو ويندو آهي ۽ خوبصورت ۽ تندرست عورتن سان دوستاڻو رويو سندن جينياتي مواد منتقل ڪرڻ سان سلهاڙيو ويندو آهي. مطلب ته اسان جي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ انسانن جو ھر ناڪاري رويو ۽ عمل جاندارن جي ارتقائي اصولن “مقابلو ڪرڻ ۾ ڀڙ” ۽ “موزون ترين خاصيتن جي فطري چونڊ” جي اصولن سان جوڙيو ويندو آهي.

    پروفيسر جيريمي گرفٿ جو خيال آھي ته اسان جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل فقط جاندارن جي ارتقائي اصولن ۽ انهن مان ڦٽندڙ جبلتي تسڪين تي ٻڌل نه آھن. ڇو ته اسان جي عام زندگيءَ ۾ ھزارن سالن کان استعمال ٿيندڙ لفظ جهڙوڪ: پنھنجي ٻڌڻ وارو، مغرور، متاثر ٿيل، مايوس، سچائي کان منڪر، ناڪاري سوچ رکندڙ، ھاڪاري سوچ رکندڙ، مصنوعي، نفرت انگيز، ڀروسي جي قابل نه ھجڻ، گهٽيا، اذيت پسند، بداخلاق، تابناڪ، احساس جرم رکندڙ، گنهگار، نفسياتي، بيگانو وغيرہ، واضح طرح سان اشارو ڪن ٿا ته اسان انسان پنھنجي آزاد سوچ، ارادو، اختيار ۽ شعور رکندڙ مخلوق رھيا آھيون. اھي سڀ لفظ اھو پڻ ٻڌائين ٿا ته اسان جي رويي جو ھڪ نفسياتي پاسو پڻ آھي، يعني اسان جون مصيبتون فقط جانورن واري موقعي پرست ھجڻ ۽ ارتقائي جبلتن جي غيرمطمئن رھجي وڃڻ جي ڪري نه آھن پر اسان جون تڪليفون ۽ اذيتون اسان جي شعور ۽ جبلتن جي ٽڪراءَ ۽ تضاد سبب آھن. ليکڪ ان ٽڪراءَ ۽ تضاد کي ئي ‘انساني حالت’ يا بگڙيل نفسياتي حالت ڪوٺي ٿو.

    ظاهر آهي ته اھا بگڙيل نفسياتي حالت انسانن ۾ شعور جي اچڻ کان پوءِ پيدا ٿي ھئي. ھن حالت کان اڳ اسان جي نسل جي ماڻھن ۾ خودغرضي ۽ مفادپرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ جهڙا اوگڻ موجود نه ھوندا ھئا پر اسان جا وڏا ڏاڏا بي غرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھوندا ھئا. چارلس ڊارون پڻ انھيءَ عظيم خاصيت جو پنھنجي ارتقائي نظريي جي تخليق ۽ تحقيق دوران معترف ھو پر جيئن ته اھا خاصيت ارتقائي نظرئي کي ٻيو رخ ڏيندڙ ھئي، ان ڪري ان کي ايتري پذيرائي نه ملي سگهي. ڊارون چيو ھو: “انسانن جو اخلاقي شعور ئي اھا عظيم خاصيت آھي جيڪا انهن کي ادنيٰ جانورن کان ممتاز ڪري ٿي.” جي ايئن نه ھجي ھا ته اسان ۾ اھي گڻ نسل در نسل ڪٿان پيا منتقل ٿيندا اچن؟ اسان جا وارث ڀولڙا ڪڏھن به ظالم، حڪم ھلائيندڙ ۽ ويڙھاڪ وحشي نه رھيا آھن پر اسان کي ان جي ابتڙ پڙھايو ويندو رھيو آھي. اھي يقيناً بهشت جي باغ واري زندگي گذاريندڙ ھئا يعني بلڪل بيغرض، ٻين سان پيار ڪندڙ ۽ تعاون ڪندڙ ھئا. ان جو ثبوت اھو آھي ته اووين ۽ لوبواءِ جھڙن انساني تاريخ تي تحقيق ڪندڙن موجودہ دور جي ڀولڙن جي بونوبو قسم ۾ اٿاھ پيار ۽ محبت سان گڏجي سڏجي رھڻ جي خاصيت کي سندن پنڊ پهڻ ٿيل نسلن جي تجزئي وسيلي پلايوسين دور (5.3 ملين يا 53 لک سال) کان به پراڻو ڄاڻايو آھي.

    مطلب ته اسان ۾ جارحاڻي ۽ مقابلي ۾ ماري مات ڪرڻ جي لاڙي جا پيرا فقط جانورن جي اھڙين جبلتن جي ارتقائي سفر ڏانهن نه ٿا وڃن. پر اھو ته رڳو بهانو آھي جنهن ۾ اسان جي ذھنن کي سدائين کان جڪڙي رکيو ويو آھي؛ اسان جي نفسياتي مونجهارن جھڙوڪ مفاد پرستي، ساڙ ۽ بغض، ريس ۽ مقابلو ڪري مات ڏيڻ، تڪبر، بدلو وٺڻ ۽ اذيت پسندي جا پيرا جبلت ۽ شعور جي تضاد جي ابتدا ڏانهن وڃن ٿا. ماحولياتي لھه وچڙ جي نتيجي ۾ سکيل روين ۽ عملن جي ڀيٽ ۾ جينياتي لاڙن سان لاڳاپيل روين ۽ عملن کي تبديل ڪرڻ اڪثر ڪري ناممڪن ھوندو آھي، پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان انسانن جا سکيل رويا ۽ عمل تبديل ڪرڻ ممڪن ۽ نسبتاً آسان ھوندا آھن. پروفيسر جيريمي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو يقين ۽ اتساھ رکندڙ آھي ته اسان انسانن جا مٿيان ناڪاري رويا ۽ عمل يا ٻين لفظن ۾ وڏا نفسياتي مونجهارا جيڪي شعور ۽ جبلت جي ٽڪراءَ سبب پيدا ٿيا آهن، اھي اھڙي سمجھه ۽ سکيا وسيلي ختم پڻ ٿي سگھندا. اچو ته شعور ۽ جبلت جي تضاد ۾ پيدا ٿيندڙ نفسياتي مونجهارن کي انسانن جي تناظر ۾ ھڪ مثال سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. پروفيسر جيريمي چوي ٿو ته فرض ڪريون ٿا ته ھڪ ٻگهه، جنھن کي سولائي خاطر آدم ٿا چئون، ۾ دماغي تبديليون آيون (ڪارٽيڪس وجود ۾ آيو) جن جي نتيجي ۾ ان ۾ شعور (آزاد سوچ، ارادو ۽ عمل) پيدا ٿيو. ھاڻي ٻين ٻگهن وانگر جينياتي لاڙن تحت اھو ٻگهه ھر اونهاري ۾ پنھنجو نسل وڌائڻ لاءِ ڏکڻ کان اتر يعني آفريڪا مان يورپ جي علائقن ڏانهن سفر ڪري ٿو. ھن کان اڳ ۾ ھو بنا چون چران جي اھو ڪجهه ڪندو ھو جيڪو جبلتن جي اثر ھيٺ ٻيا ٻگهه ڪندا ھئا. پر ھن واري ھو ٻين کان شعوري طرح مختلف ھو. اتر ڏانھن سفر جي وچ ڌاري ھن پريان صوفن جو باغ ڏٺو. ھن پنھنجي شعور ۽ آزاد سوچ ۽ ارادي سان ٻين ٻگهن جي جبلي لاڙن جي ابتڙ ان باغ ڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو.  آدم جڏھن اتي پھتو ۽ صوفن جي باغ مان ميوا کاڌائين پئي ته ھن کي جبلي قوتن ھيٺ سندس دماغ اھو پيغام ڏئي رھيو ھو ته ھن باغ ڏانهن لڙي غلط فيصلو ڪيو آھي ۽ ھن کي پنهنجن ساٿين سان شامل ٿيڻ گهرجي ھا. نتيجي ۾ ھو پاڻ کي ڏوھي ۽ گنهگار محسوس ڪرڻ لڳي ٿو. بهترين خيالي حل اھو ھو ته آدم کي پاڻ کي سمجهائڻ گهرجي ھا ته لکن سالن جي جبلتي ۽ جينياتي لاڙن جو فهم جانورن واري انڌي تقليد جي برابر آھي ۽ نيوراني يا شعوري (آزاد سوچ ۽ ارادي تي ٻڌل) مشاھداتي فهم ئي ھن کي سببن ۽ نتيجن جي دنيا سان واقف ڪرائيندڙ آھي. پر آدم لاءِ اھو سڀڪجهه بلڪل نڪور تجربي مثل ھو ۽ قطعي سمجھه ۾ ايندڙ نه ھو. ان ڪري ھن لاءِ شعوري طور تي ٽي مختلف صورتون پيدا ٿيون ھونديون: ھڪ ته ھو جبلتي لاڙن ۽ فهم ۽ تنقيد کي يڪسر رد ڪري پنھنجي آزاد سوچ ۽ شعور مطابق زندگي گذاري؛ ٻيو ته ان کي اھو ڏسڻو ھو ته نيوراني يا شعوري آزاد سوچ ۽ نيت مٿين ناڪاري جذبن کي ختم يا بي اثر ڪرڻ لاءِ ڪو اڻ ڏٺل ۽ اڻڄاتل مزو يا بهتر لطف ۽ آسودگي فراھم ڪندڙ ھئي يا نه؛ ٽيون ته ھو جبلتي تنقيد جو انڪار ۽ ان کي نظرانداز ڪري پنهنجي زندگي گذاري. نتيجي ۾ انھيءَ نفسياتي ڪشمڪش ۾ آدم ۾ ڪاوڙ، خودپسندي ۽ ٻين سان بيگانيت يا لاتعلقي پيدا ٿي ھوندي.  اڳتي ھلي ڪجهه ٻيون ناڪاري نفسياتي خاصيتون، يعني ٻئي سان مقابلو ڪرڻ، ٻئي کي ماري مات ڏيڻ، پيدا ٿيون ھونديون. ھنن ناڪاري نفسياتي لاڙن کي پروفيسر جيريمي انساني حالت قرار ڏئي ٿو. مطلب ته اڄوڪي دنيا جي انسانن جا نفسياتي مونجهارا اصل ۾ اسان جي جبلي ۽ غيرشعوري زندگي کان نيوراني (ڪارٽيڪس) آزاد سوچ ۽ ارادي واري شعوري زندگيءَ کي اپنائڻ جي قيمت آھي جيڪا نه چاھيندي به اسان چڪائي آھي، يعني جنت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنھنجي دنيا کي دوزخ بڻائڻو پئجي ويو ۽ پاڻ کي پائڻ لاءِ پاڻ کي وڃائڻو پئجي ويو. اسان جا مٿيان ناڪاري نفسياتي لاڙا جبلتي نه پر اڪتسابي آھن جيڪي موزون سوچ ۽ سمجھه جي فروغ سان ختم ٿيڻ جوڳا آھن!