اسلام آباد: سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس کان پوءِ جهاز راني جي وفاقي وزير علي زيدي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪاميٽي 3 بل رد ڪيا آهن، جيڪي بل قانون وزارت، قانون سازي بابت ڪابينا ڪاميٽي ۽ وفاقي ڪابينا مان منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي به انهن بلن کي پاس ڪري چڪي آهي، انهن بلن تي اعتراض ڪندڙ مخالف ڌر جي سينيٽرن جي راءِ مختلف هئي، مخالف ڌر جي سينيٽرن جي نظر ۾ اهي ترميمي بل آئين جي خلاف آهن، مون آئين جو آرٽيڪل 98 پڙهي ٻڌايو، مون سينيٽرن کي درخواست ڪئي ته اهي صرف پنهنجا مشورا ۽ راءِ ڏيڻ بجاءِ انهن بلن ۾ شامل ڪيل ترميم ۾ ڪجهه آئين جي خلاف آهي ته اسان کي لکت ۾ ٻڌائن، افسوس ته انساني عقل ۽ قومي مفاد جي مقابلي ۾ سياست کٽي وئي، حڪومت انهن بلن کي سينيٽ ۾ پيش ڪندي.