سائنسدانن آخرڪار انسان جي سوچڻ واري عمل جي رفتار جو پتو لڳائي ورتو آهي. ان پيش رفت مان اها خبر پوي ٿي ته اسان هڪ وقت ۾ صرف هڪ سوچ تي عمل ڇو ڪندا آهيون؟ انساني جسم جي حساس جڳهين جهڙوڪ، اکيون، ڪن، نڪ ۽ چمڙي شامل آهن، اهي اسان جي ماحول جي باري ۾ هڪ ارب بٽس في سيڪنڊ جي رفتار سان ڊيٽا گڏ ڪندا آهن پر تحقيق ڪندڙن ان مطالعي مان دريافت ڪيو آهي ته دماغ انهن سگنلز کي صرف 10 بٽس فِي سيڪنڊ جي رفتار سان ئي پروسز ڪري سگهي ٿو. اها رفتار انهن سان ملندڙ مواد جي رفتار کان لکين ڀيرا سُست هوندي آهي. بٽ هڪ عام وائي فائي ڪنيڪشن سان گڏ ڪميوٽنگ معلومات جي بنياد واري اڪائي آهي. جتي تقريبن 5 ڪروڙ بٽس في سيڪنڊ سان پروسيسنگ ٿيندا آهن.
انساني دماغ ۾ 85 ارب کان وڌيڪ نيوران هوندا آهن. جن مان اڌ کان وڌيڪ اعلى درجي جي سوچڻ واري صلاحيت وارا برين سيلز دماغ جي ٻاهرين علائقي جي انتهائي طاقتور حصي ڪارٽيڪس ۾ موجود هوندا آهن. سائنسدانن انساني روين، جهڙوڪ، پڙهڻ، لکڻ، وڊيو گيمز کيڏڻ ۽ روبڪس ڪيوب وارن معاملن جي سائنسي لٽريچر جو جائزو ورتو ۽ ان ۾ حساب لڳايو آهي ته، انسان 10 بٽس فِي سيڪنڊ جي رفتار سان سوچيندا آهن. جيڪا انهن جي حوالي سان هڪ انتهائي سست رفتار آهي. طبي رسالي “نيوران” جنرل جي رپورٽ ۾ تحقيق ڪندڙ مارڪس ميسٽر ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته، انسان جي نظام حس ۾ ٽريلين بٽس موجود هوندا آهن پر انسان انهن مان صرف 10 بٽس ئي استعمال ڪري سگهندو آهي. ۽ انهن 10 بٽس مان پنهنجي ڀرپاسي جي دنيا کي سوچڻ سمجهڻ ۽ فيصلا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندا آهن. ان ڳالهه مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جو دماغ ان سموري معلومات کي فلٽر ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿو؟
دماغ ۾ انفرادي اعصابي جزا طاقتور معلوماتي پروسيسرز طور سُڃاتا ويندا آهن، جيڪي سولائيءَ سان 10 بٽس فِي سيڪنڊ جي رفتار کان وڌيڪ جي معلومات کي منتقل ڪرڻ جي قابل هوندا آهن. پر تازا نتيجا اسان کي اهو ٻڌائين ٿا ته هو ايتري تيز رفتاريءَ سان خيالن يا سوچ کي پروسيس ڪرڻ ۾ ڪا به مدد ناهن ڪندا، جنهن جي ڪري انسان انتهائي سست عمل سان پنهنجن خيالن کي برابري جي بنياد تي پروسيس ڪرڻ کان قاصر هوندو آهي. جيئن شطرنج جو رانديگر مستقبل جي ڪيترين چالن جو تصور ڪري راند کيڏندو آهي پر هي اهڙين حالتن ۾ ناڪام ثابت ٿيندو آهي. اها شئي انسان کي صرف هڪ وقت ۾ هڪ شئي جي ڳولا جي اجازت ڏئي ٿو، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ماڻهو پوءِ هڪ ئي وقت ٻين شين تي فوڪس نه ٿو ڪري سگهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته، نيورو سائنس ۾ دماغ ۾ ان رفتار واري حد جي ظاهري تضادن جو پتو لڳائڻ لاءِ اڃان اسان کي گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو انساني دماغ جي حوالي سان جيتري تحقيق ٿي رهي آهي، ان مان نوان نوان سوال جنم وٺي رهيا آهن.
سائنسدانن جو خيال آهي ته، اهڙي رفتار جي حد ممڪن آهي ته اسان جي پهرين جاندارن ۾ پيدا ٿي هوندي، جن وٽ اعصابي نظام موجود هو. اهڙي مخلوق اهڙي دماغي سوچ کي صرف خوراڪ حاصل ڪرڻ يا وري شڪارين کان بچڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي. ڇو جو ان دور ۾ جاندارن کي جيئڻ لاءِ خوراڪ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت هئي، جيتوڻيڪ انساني دماغ انهن سادن نظامن تي هلڻ لاءِ تيار ٿيو هو، ان تحقيق مان خبر پوي ٿي ته اسان هڪ ئي وقت ۾ سوچ جي صرف هڪ ئي رستي تي هلي سگهون ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن هڪ ماحولياتي مقام جي چونڊ ڪئي هئي. جتي دنيا ايتري سست آهي، جيڪا انهن جي بقا کي ممڪن بڻائي سگهي. حقيقت ۾ في سيڪنڊ بٽس جي ضرورت صرف بدترين صورتحال ۾ هوندي آهي ۽ اڪثر ڪري اسان جو ماحول تمام گهٽ رفتار سان ئي تبديل ٿيندو آهي. تحقيق مان خبر پوي ٿي ته مشينون آخرڪار هر اهو ڪم سولائي سان ڪري سگهن ٿيون، جيڪي في الحال انسان ڪري سگهن ٿا. ڇو جو انهن جي ڪمپيوٽنگ طاقت هر ٻن سالن بعد ٻيڻي ٿي رهي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته، “هاڻ اهو بحث ته جديد گاڏيون ٽريفڪ ۾ انسانن جيتري ڪارڪردگي حاصل ڪري وٺنديون، اها ڳالهه هاڻ پراڻي لڳي رهي آهي. ڇو جو روڊ، پلون ۽ چوڪ ان مخلوق لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جيڪي معلومات کي 10 بٽ في سيڪنڊ جي رفتار تائين ئي پروسيس ڪري سگهن ٿا. تيستائين انسانن کي صلاح ڏني ويندي ته هو انهن هنڌن کان پري رهن، بلڪل ائين ئي جيئن گونگن کي هاءِ وي کان پري رهڻ گهرجي.