ليبيا جي سمنڊ ويجهو غيرقانوني پاڪستاني شهرين جي ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي. ليبيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني موجب، ٻيڙي مرسا ڊيلا جي بندرگاهه ويجهو اونڌي ٿي. ھيستائين ڪجھ لاش ڪڍيا ويا آھن. پرڏيھي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ڪالھوڪي گڏجاڻي ۾ پرڏيهي وزارت جي عملدارن انڪشاف ڪيو آهي ته ليبيا ۾ پيش آيل ٻيڙي حادثي ۾ ڪل 73 ماڻهو سوار هئا، جن مان 63 جو تعلق پاڪستان سان هو. انهن 63 پاڪستانين مان اڪثر جو واسطو خيبرپختونخوا جي علائقي ڪرم ۽ باجوڙ سان هو. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستانين کان سواءِ هن ٻيڙي ۾ 10 بنگلاديشي به سوار هئا.
انساني اسمگلنگ هڪ سنگين ڏوهه آهي، جيڪو عالمي سطح تي انسانيت لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي. پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ جي پٺيان نه صرف مقامي ايجنٽ پر بين الاقوامي نيٽ ورڪ پڻ شامل آهن، جيڪي انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن مسئلي ۾ هڪ اهم ڪردار وفاقي جاچ ايجنسي (FIA) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جو پڻ آهي، جيڪي اڪثر پنهنجي ذميوارين ۾ ناڪامي يا بدعنواني سبب هن ڏوهه جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿا. پاڪستان جي وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جو قيام ملڪ ۾ ڏوهن جي روڪٿام ۽ قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو. ويجھڙ وارن سالن ۾ پاڻ هن اداري جي ڪجهه آفيسرن جي انساني اسمگلنگ جهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن، جيڪي نه رڳو اداري جي ساک پر ملڪ جي عالمي سڃاڻپ تي پڻ منفي اثر وجهي رهيا آهن. جون 2023ع ۾ يونان جي ساحل ويجهو هڪ ٻيڙي جي حادثي ۾ 250 کان وڌيڪ پاڪستانين جي موت، انساني اسمگلنگ جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ کي وائکو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ايف آءِ اي جي 60 کان وڌيڪ آفيسرن جي ملوث هجڻ جا انڪشاف ٿيا. اهو ڏکوئيندڙ واقعو اداري جي اندر موجود بدعنواني ۽ غيرقانوني سرگرمين جي سنگيني کي ظاهر ڪري ٿو. ان کان پوءِ، ايف آءِ اي پنهنجي اندر موجود ڪاري رڍن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي. جنوري 2025 ۾، 35 آفيسرن کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ تي برطرف ڪيو ويو، جڏهن ته 13 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا. اندروني جاچ ۽ برطرفين جي باوجود، انساني اسمگلنگ جي واقعن ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ نه آئي آهي. صرف لاهور ايئرپورٽ تي گذريل هڪ مهيني دوران 2,500 مسافرن کي جعلي، مشڪوڪ يا اڻپورن دستاويزن جي بنياد تي روڪيو ويو. اهي انگ اکر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته مسئلي جون پاڙون ڪيتريون گھريون آهن. ايف آءِ اي طرفان انٽرپول سان گڏجي انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ خلاف گڏيل ڪارروايون پڻ ڪيون پيون وڃن. پر مستقل ۽ اثرائتي نتيجن لاءِ وڌيڪ جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي. وزيراعظم شهباز شريف پڻ ايف آءِ اي جي آفيسرن جي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کي جاچ تيز ڪرڻ ۽ جلد کان جلد سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. انهن سڀني قدمن جي باوجود، اصل چئلينج اداري جي اندر موجود بدعنواني ۽ انساني اسمگلنگ جي نيٽ ورڪ جو مڪمل خاتمو آهي. ان لاءِ نه صرف سخت نگراني ۽ احتساب جو نظام گهربل آهي، پر ايف آءِ اي جي آفيسرن جي تربيت ۽ اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ جي به ضرورت آهي. عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ايف آءِ اي پنهنجي صفن ۾ موجود سڀني بدعنوان عنصرن کي وائکو ڪري ۽ انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي. ان سان گڏ، انساني اسمگلنگ جي متاثرن جي بحالي ۽ انهن جي مدد لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن، جيئن اهي ٻيهر هن ڏوهه جو شڪار نه ٿي سگهن. پاڪستان کي انساني اسمگلنگ جهڙي سنگين مسئلي سان منهن ڏيڻ لاءِ هڪ جامع ۽ مربوط حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سڌارن، عوامي ڄاڻ ۽ عالمي تعاون شامل هجي. صرف انهيءَ صورت ۾ اسان هن ناسور جو خاتمو ڪري هڪ محفوظ ۽ باوقار سماج جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنداسين.
پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ غربت، بيروزگاري، تعليم جي کوٽ ۽ غيرقانوني طريقي سان بهتر مستقبل جي خواهش شامل آهن. ايجنٽ ۽ سهولتڪار انهن مسئلن جو فائدو وٺي ماڻهن کي دوکي سان ٻين ملڪن ۾ غير قانوني طريقي سان منتقل ڪن ٿا. اهي ايجنٽ متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي ڪوڙا خواب ڏيکارين ٿا، انهن جا اهي خواب ساڀيان ته ڪونه ٿا ٿين، ويتر انهن کي خطرناڪ ۽ غيرانساني حالتن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. جيئن ته انساني اسمگلنگ جو نيٽ ورڪ بين الاقوامي سطح تي پکڙيل آهي. اهو نيٽ ورڪ مختلف ملڪن ۾ موجود ايجنٽ، جعلي دستاويزن ٺاهيندڙ گروهه، ۽ غير قانوني طور تي سرحدون پار ڪندڙ ماڻهن تي مشتمل هوندو آهي. پاڪستان مان انساني اسمگلنگ جا شڪار ٿيل ماڻهو اڪثر ايران، ترڪي ۽ يورپ جي رستن ذريعي منتقل ڪيا ويندا آهن. رستي ۾ انهن کي شديد خطرن، تشدد، ۽ ڪڏهن ڪڏهن موت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انساني اسمگلنگ هڪ سنگين مسئلو آهي، جيڪو انفرادي ۽ قومي سطح تي نقصان پهچائي رهيو آهي. ان جي خاتمي لاءِ حڪومت، عوام، ۽ بين الاقوامي برادري کي گڏيل قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجين ذميوارين کي سمجهون ۽ اثرائتا قدم کڻون، ته اهو ممڪن آهي ته انساني اسمگلنگ جهڙي ناسور کي ختم ڪري سگهجي.