خُوبصورت رهڻ/نظر اچڻ جو انساني خواب به ايترو ئي پراڻو آهي، جيترو انساني ارتقائي نظريو (يا انسان پاڻ). هزارين سالن کان (غارن واري زندگي کان) اهو عقلمند، مهذب ۽ سُلڇڻو بڻجڻ (يا نظر اچڻ) لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.. ڇَڙ وڇڙ ۽ پوءِ گروهي سماج تائين پهچڻ لاءِ انسان ڪيترن ئي مشڪل ۽ ارتقائي مرحلن مان گذريو آهي. انسان جي گروهي زندگي ۾ ضم ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ تهذيب جنم ورتو، جنهن ۾ انسان جي عقل جي ارتقا ٿي ۽ هُن، يعني انسان ذات پاڻ کي ٻين ساهوارن کان مختلف سمجهڻ شروع ڪيو. تهذيب ۽ ڪلچر جنم ورتو. ادب، اخلاقيات، خاندان جي فردن جي سُڃاڻپ ۽ جياپي لاءِ انسان پهريون ڀيرو (شڪار کان پوءِ) زرعي سماج اڏڻ شروع ڪيو. واڌو جهنگن ۽ ٻيلن کي وڍي ان ۾ زراعت کي فروغ ڏنو، جنهن سان هُن پهريون ڀيرو ٻين ساهوارن کان مختلف ٿي کائڻ پيئڻ شروع ڪيو. خاندان جو هڪ سربراھ مقرر ٿيو، سڀ ان جي تابعداري ڪرڻ ۽ ان جو حڪم مڃڻ جا پابند ٿي ويا. وڏي ۾ وڏي ڳالھ ته ٻولي Language جنم ورتو. انسان جسم ڍڪڻ سکيو، گهر ٺاهڻ سکيو ۽ پنهنجي خاندان جي پالنا جي ذميواري سان گڏ ان جي تعليم ۽ تربيت به ڪرڻ لڳو. پاڻ وڻائڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. اٽڪل پنج هزار ورهيه اڳ مصر جي راڻي قلوپطره پنهنجو پاڻ کي خوبصورت ۽ فِٽ رکڻ لاءِ ان وقت جي حڪيمن کان نسخا حاصل ڪيا ۽ ڪن جو خيال آهي ته اُهي سدا جوان رهڻ جا طريقا ان خود پاڻ ڳولي لڌا، يا ايجاد ڪيا. پوءِ ايندڙ هر نسل جي شاهي گهراڻي جي عورتن ان جي تقليد ڪئي ۽ پنهنجي بادشاھ وَرن اڳيان سدان جواڻ، جماڻ ۽ خوبصورت رهڻ يا ڏسجڻ لاءِ مختلف طريقن تي عمل ڪيو. آهستي آهستي سدا جواڻ جماڻ رهڻ جا اُهي نسخا بادشاهي محلاتن مان نڪري عام ماڻهوءَ جي گهرن تائين به پهتا.
چارلس ڊاروِن جي خيال موجب انسان پنهنجي وجود کي پنهنجي عقل، فهم ۽ ادراڪ جي طاقت سان بچائي رکندو آيو آهي. نه ته ڪروڙين سالن کان (يعني ڌرتيءَ جي ٺهڻ کان هن وقت تائين) هزارين نسلن جا جانور ۽ ٻيا ساهوارا آيا ۽ ختم به ٿي ويا. ڊائنوسار ان جو وڏي ۾ وڏو مثال آهن. انهيءَ ارتقائي خيال موجب ته ڪوبه جِيوَ يا ساهوارو پنهنجو وجود ان طريقي سان بچائي سگهي ٿو، جيڪڏهن اُن ۾ پنهنجي هستي (وجود) کي بچائڻ جي سگھ آهي. يعني ڪمزور کي هميشه طاقتور ڳيهي ويندو آهي. هڪ ٻئي سائنسي نُقطهء نگاھ موجب ته ڪنهن به جيوَ (ساهواري) جو اهو عضوو هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندو آهي، جنهن جو هُو استعمال ناهي ڪندو. اهڙي ريت انسان پنهنجي عقل يا شعور جو استعمال ڪري ٻين جيون (ساهوارن) جي مقابلي ۾ وڌيڪ زنده رهڻ جي سگھ حاصل ڪندو ايندو رهيو آهي. هن وقت دنيا ۾ ايترا ڪيترائي ساهوارا يا وڻ ٽڻ ۽ پکي آهن، جيڪي موسمي ڦير گهير، قدرتي آفتن يا عقل جو استعمال نه ڪرڻ جي ڪري ناپيد ۽ فنا ٿي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ انهن ۾ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي سگھ نه آهي.
هر شيءَ جا ٻه رُخ يعني پهلُو ٿين ٿا، هڪ مثبت ٻيو منفي. انسان جتي ڏينهون ڏينهن پنهنجي جسماني سُونهن، سوڀيا، هاٺي ڪاٺي، ڪاسٽيومز ۽ سڀاءُ ۾ ترقي ڪري رهيو آهي، سائنس جي ان ڳالھ کي رَد نه ٿو ڪري سگهجي ته انسان جي ڪراس بريڊنگ، سرجرين، فيشل ۽ ڊي اين اي ذريعي جتي انساني نسل خُوبصورت پيدا ٿي رهيو آهي، اهو هڪ کرو سچ آهي ۽ مثال اسانجي اڳيان موجود آهن. اهوئي سبب آهي جو هن صديءَ جو انسان پاڻ کي وڌيڪ خوب صورت بنائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي، جنهن ۾ هو گهڻي قدر ڪامياب به لڳي رهيو آهي. هر نئون انساني نسل، اڳوڻي کان وڌيڪ خوبصورت ۽ وڌيڪ عقلمند پيدا ٿيندو آهي.
جتي انسان خوب کان خوب تر ٿي رهيو آهي، اُتي ان جو هاضمي جو سرشتو ڪمزور به ٿي رهيو آهي… يعني هن کي وڌيڪ خُوبصورت ۽ سمارٽ بڻجڻ لاءِ ڪيترين ئي قسمن جي ڊائيٽ جي ضرورت پوي ٿي، جنهن ۾ مختلف قسمن جا منرلز، وٽامنز، سپليمينٽس، رنگ کي نکارڻ يعني اڇو Whiteڪرڻ جون دوائون، جن جا پڻ ڪيترائي ناڪاري اثر به انساني جسم تي پون ٿا. مطلب اڄوڪو انسان نيچر (فطرت) کي ڇڏي هٿراڌو طريقن سان پاڻ کي خُوبصورت بنائڻ جي ڪوششن ۾ لڳو پيو آهي، جنهن جا ظاهر آهي منفي اثر به ڪافي ٿي سگهن ٿا. دنيا ڄاڻي ٿي ته آمريڪا جو پاپ سنگر مائيڪل جيڪسن ڪاري رنگ (نسل) جو هو، مگر اُن کي پنهنجو ڪارو رنگ پسند نه هو، تنهن ڪري هن ڪيترين ئي سرجرين ۽ دوائن سان پنهنجي رنگ کي گورو ڪيو. نيٺ انهن شين جي گهڻي مقدار جي نتيجي ۾ گذاري ويو. آفريڪا، آمريڪا، وچ ايشيا توڙي هندستان جي راجسٿان ۽ سنڌ جي ٿَر واري علائقن ۾ هن وقت به ڪاري رنگ جا ماڻهو موجود آهن. پئسي وارا ته پنهنجون سرجريون ڪرائي، بيوٽي پارلرز ۾ وڃي فيشل وغيره ڪرائي پاڻ کي گورو ڪرائي اچن ٿا، مگر هيٺئين طبقي جا گورا ماڻهو به غربت جي ڪري لُڪن تي سڙي سڙي ڪارا ٿي وڃن ٿا. ٻهراڙين جا کير ۽ مکڻ کائيندڙ ماڻهو ٻنين ۾ ڪم ڪندي توڙي جانورن جي پالنا ڪندي گورا به ڪارا ٿي وڃن ٿا. شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو رنگ گورو ڪرڻ يا صاف ڪرڻ لاءِ مختلف ڪريمون استعمال ڪن ٿا. ڇوڪريون ڇوڪرن جهڙا اسٽائيل ڪن ٿيون ۽ ڇوڪرا وري ڇوڪرين کي ڪاپي ڪن ٿا. مطلب سُونهن جو اهو مقابلو هن سماج ۾ هر گهر، شهر، گلين، بازارن توڙي ٻين عوامي جاين تي نمايان نظر ايندو آهي. وري اڄڪلھ جا ريڊي ميڊ ڪپڙا ته ڄڻ انهن جي سُونهن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏين ٿا. انسان خوب کان خُوب تر ٿي رهيو آهي!