ممبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) انسانيت بابت ٽوئيٽ ڪرڻ تي ڀارتين پنهنجي ئي ڪرڪيٽر امباتي رائيڊو کي گھيري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر امباتي رائيڊو کي ٽوئيٽ ڪرڻ مهانگو پئجي ويو آهي، پنهنجي ئي ملڪ جا ماڻهو کيس غدار قرار ڏئي رهيا آهن. ميديا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي ڪرڪيٽر امباتي رائڊو پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته ”اک جي بدلي اک دنيا کي انڌو بڻائي ڇڏي ٿي“، جنهن جو مطلب آهي ته هڪ ٻئي کان پلاند ڪرڻ سان تباهي اچي ٿي. اهڙي ٽوئيٽ وائرل ٿيڻ بعد ڀارتي صارفن کيس گھيري ورتو ۽ کيس غدار قرار ڏنو ويو.