ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ نئين تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته رڳو انسان ئي نه پر جانور به الڪوحل جو استعمال ڪندا آهن، برطانويا جي يونيورسٽي آف ايڪسيٽر جي محققن تي هڪ مطالعي ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته ڀولا، ليمر ۽ پکي اهڙن ميون ۽ گلن جي رس کي پنهنجي غذا طور استعمال ڪندا آهن، جيڪي ايٿانول (الڪوحل جو هڪ مرڪزي جزو) رکندا آهن، اهي خمير شده ميوا پنهنجي مقدار جي اعتبار سان ٻه سيڪڙو تائين الڪوحل رکندا آهن، پر محققن موجب ڪيترن ميون ۾ شرح 10.2 سيڪڙو تائين به ٿي سگهي ٿي، تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته انسانن وانگر نشي لاءِ ڄاڻي واڻي ايٿانول جي کپت ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ ڀولن جو هيو، جڏهن ته چمپينزين کي پنن جي اسفند جو استعمال ڪندي ايٿانول رکندڙ رس جمع ڪندي ۽ پيئندي ڏٺو ويو، تحقيق جي مرڪزي ليکڪه اينا بولينڊ جو چوڻ هيو ته دماغي اعتبار کان ڏٺو وڃي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته ايٿانول ايندورفين ۽ ڊوپامن جو خارج ڪندا آهن، جيڪو پرسڪون احساس جو سبب بڻجي سگهن ٿا، جنهن جي برادري جي حوالي سان فائدا ٿي سگهن ٿا، سينئر ليکڪه ڪمبرلي هاڪنگز موجب سامهون ايندڙ نتيجا اسان کي ان خيال کان پري ڪري رهيا آهن ته ايٿانول جو استعمال رڳو انسان ڪندا آهن.