دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ميچ لاءِ ڀارتي شهر اندور جي گرائونڊ جي وڪيٽ کي خراب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ سي سي ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ لاءِ اندور جي هولڪر ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي پچ جي خرابي سبب 3 ڊي ميرٽ پوائنٽس جو ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. اندور جي هولڪر ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي پچ بابت رپورٽ ٽيسٽ جي آءِ سي سي ريفري ڪرس براڊ جمع ڪرائي هئي. ڀارتي ميڊيا موجب رپورٽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏني وئي آهي، ڀارتي بورڊ فيصلي خلاف 14 ڏينهن اندر اپيل ڪري سگهي ٿو.