ڪوئيٽا: دهشتگردن کان بازياب ٿيل جعفر ايڪسپريس جي مسافرن اکين ڏٺو احوال ٻڌائي ڇڏيو جنهن جي وڊيو به سامهون اچي وئي، هڪ مسافر تفصيل ٻڌائيندي ٻڌايو ته حملي جي وقت هر طرف رڙيون شروع ٿي ويون، اسان جان بچائڻ جي لاءِ ٽرين جي فرش تي ليٽي پيا هئاسين ان دوران ئي ڌماڪا شروع ٿي ويا هئا. مسافر وڌيڪ ٻڌايو ته دهشتگردن چيو ته سڀ ماڻهو هيٺ لاهي وڃو. ڪيترائي مسافر نه لهي رهيا هئا پر مان پنهنجي ٻارن کي وٺي هيٺ لهي ويس، مسافر ٻڌايو ته اسان هيٺ لٿاسين جنهن کان پوءِ انهن مون کي پنهنجي ٻارن ۽ گهر واري سميت ڇڏي ڏنو ۽ ان سان گڏ اهو به چيو ته پوئتي مڙي نه ڏسجان. بازيابي ماڻيندڙ بزرگ مسافر ٻڌايو ته دهشتگردن جي چوڻ تي ٻارن کي لهڻ جو چيو، ڇو ته اندر به مرڻو ئي هو ۽ ٻاهر به. اسان دهشتگرد جي چوڻ تي هيٺ لهي وياسين جنهن کان پوءِ انهن اسان کي ڇڏي ڏنو. بزرگ مسافر ٻڌايو ته اسان سڀ ماڻهو هلندي هلندي هڪ واهه ۾ ڪري پيا هئاسين 4 ڪلاڪ لاڳيتو هلڻ کان پوءِ محفوظ هنڌ تي پهتاسين.