ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت جي سفارش تي  انجنيئر احسان لغاري کي 3 سالن لاءِ ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  زاهد جوڻيجو جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت احسان لغاري جي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي طور مقرري بابت سفارش ڪئي هئي، وفاقي سرڪار نيٺ سنڌ سرڪار جي سفارش کي منظور ڪندي احسان لغاري کي ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو مقرر ڪيو آهي.