انجنيئري جي اخلاقيات ۽ پيشي سان ڪيل وچن

0
119
انجنيئري جي اخلاقيات ۽ پيشي سان ڪيل وچن

 اڄ کان ٽيھه چاليھه سال اڳ، جيڪڏهن ڪنهن پڙهندڙ نينگر کان، شاگرد/شاگردياڻي کان پُڇبو ته ڇا ٿيڻ ٿو چاهين ته اڪثريت جو جواب هوندو هو انجنيئر يا ڊاڪٽر. وقت سان گڏ مختلف ڪرت جي شعبن جي مارڪيٽ ۾ ضرورت ٿي، واڌارو ٿيو ۽ اسان ڏٺوسين ته ڪمپيوٽر، بزنس مينيجمينٽ ۽ ٻيا شعبا اڳتي وڌيا. پر اڄ تائين انجنيئري ۽ ڊاڪٽري جا خواب گهڻن نوجوانن جا آهن. ’انجنيئري‘ ۽ ڊاڪٽري ۾ داخلا نه ملڻ جي صورت ۾ پوءِ مقابلي جي امتحان، وڪالت جو شعبو يا ٻيا شعبا اپنايا ويندا هئا. هر علم، تعليم ۽ ڪرت جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي، ان اهميت کان انڪاري نه ٿيڻ کپي. اڄ مختصر انجنيئري پيشي/ پروفيشن جي اهميت، ان جي اخلاقيات ۽ ڪيل وچن جون اخلاقي، سماجي ۽ قانوني ذميدارين تي ڪجهه عرض ڪبو.

                 پروفيشن (ڪرت، مهارت وارو ڌنڌو/ ڪارج)ڇاکي چئجي ٿو: پروفيشن انهن ماڻهن جي مجموعي کي چئجي ٿو، جيڪي ساڳي ڪرت ڪندا هجن، جيڪو انهن جو روزي روٽي جو ذريعو هجي، جن کي هُو اخلاقي حدن جي اندر سرانجام ڏيندا هُجن.

پاڻ وٽ جيئن پيشور مهارتون آهن، ڊاڪٽر، وڪيل، نرسون، انجنيئر، قانون دان وغيره. ڪنهن به پروفيشن جا خاص گڻ هوندا آهن. هڪ ته تربيت، دانش۽ ڏانءُ  جي بنيادن تي ورتل ڊگري/ تعليم، ٻيو ته انهن جي ڄاڻ ۽ هنر مان انسان ذات جي بهتري جا عنصر هوندا آهن، ٽيون انهن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نوڪري واري / ڪم واري ۾ تقريبن هڪ هٽي هوندي آهي (جيئن ڊاڪٽر جي جاءِ تي ڪو ٻيو نٿو وڃي سگهي، يا ان انجنيئر کي ئي نوڪري ملڻي آهي، جيڪو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل وٽ رجسٽرڊ ٿيل هجي)، ٽين اها ڳالهه ته انهن کي (بظاهر) پنهنجي ڪم ڪرڻ ۾ ڪجهه آزادي هوندي آهي (انجنيئر جي ٽيڪنيڪل راءِ، وڪيل جي هڪ آزاد ماحول ۾ ڪم ڪرڻ وغيرهه) ۽ آخري اهم ڳالهه ته هنن کي پنهنجي ڪرت ڪندي هڪ چال چلت ۽ اخلاقيات جي اصولن تي هلڻو هوندو آهي،جيڪو هنن تي قانوني، ادارتي ۽ اخلاقي طور تي لازم هوندو آهي.

ڊاڪٽر لاءِ سڀ کان اهم، اتاهين ۽ پهرين ترجيح مريض کي بچائڻ/ ان جو علاج ڪرڻ هوندو آهي، مريض ڪير آهي، ڪيئن آهي، سٺو آهي يا خراب، ان شين تي ڊاڪٽر کي غور نه ڪرڻو آهي. ساڳي نموني وڪيل  لاءِ سڀ کان اهم پنهنجي ڪلائنٽ جن جو هو وڪيل آهي، ان سان سچائي سان بيهڻو آهي. ان طرح ئي انجنيئر کي ڪم جي بهتري، توازن ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي کي اُتاهون رکڻو آهي. اِهي ڳالهيون هر ڪنهن پروفيشن جي پنهنجي پنهنجي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ واضح ٿيل آهن، انهن کي اپنائي هو پنهنجي عزتِ نفس کي بلند ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي ڪيل وچن کي پاڙي سگهن ٿا.

پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته هنر ۽ ڪرت تي حساب سان پروفيشنل / پيشاور شعبا تمام محدود آهن، ان ۾ انجنيئرن لاءِ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل، آرڪيٽيڪٽ ۽ ٽاؤن پلانر لاءِ پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪس ۽ ٽائون پلاننر، وڪيلن لاءِ بار ڪائونسل، ڊاڪٽرن لاءِ هاڻ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن شامل آهن. جڏهن ته چارٽرڊ اڪاؤنٽنٽ، آڊيٽر ۽ ٻيا ڪيترائي شعبا عالمي ادارن يا ٻين ملڪن جي ادارن سان رجسٽر ٿي پروفيشنل حيثيت حاصل ڪن ٿا. جيڪي به اِهي پيشيور آهن، انهن سڀني جا پنهنجن پنهنجن ميمبرن لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ ڪوڊ آف اٿڪس يعني نوڪري/ پيشو اپنائڻ دؤران هلت چلت جا ۽ اخلاقيات جا اصول آهن. پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ذميواريون سنڀارڻ کان پوءِ اِهي اخلاقي قدر ۽ قانون سڀن کان ذري گھٽ وسريل آهن.انهن کي ياد ڪرڻ، ياد ڏيارڻ ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ تمام ضروري آهي.

انجنيئرنگ جو بنيادي ڪارج سماج جي بهتري ۽ آساني لاءِ سهولتون ۽ فائدا پهچائڻ آهي. انساني زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ ۽ سماجي سهائتا ڄڻ انجنيئري پروفيشن جو وچور آهي. ارڙهين صدي عيسوي ۾ جان سميٽون ۽ رابرٽ مائلن ڪجهه ٻين سول انجنيئرن سان گڏجي لنڊن ۾ پهرين پروفيشنل سول ايسوسيئيشن/ تنظيم جوڙي .

هاڻ انجنيئرنگ هڪ عالمي علم، هنر، دانش، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انڊسٽري جي صورت ۾ تمام وڏين تبديلين سان اڳتي وڌي آهي. انجنيئرنگ جو مستقبل هاڻ اقتصاديات سان گڏ هڪ عالمي ايجنڊا آهي، جن کي عالمگيريت، اربنائزيشن، ٽيڪنالاجين ۾ تڪڙو واڌارو، موسمياتي ڦيرگھير ۽ اڻ برابري جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي. سائنس، انجنيئرنگ ۽ بهتر سماجي ۽ ادارتي انتظام ڪاريءَ سان انسان ذات پنهنجن بنيادي ضرورتن جهڙوڪ پاڻي، نيڪالي، صفائي، کاڌخوراڪ جي فراهمي، گهر، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ وغيره جو پورائو ڪري سگهي ٿي.

اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ اڏاوتن ۽ هر قسم جي تعميراتي اڻاٺ آهي، اتي اڏاوتي انجنيئرن جو ملڪ کي بهتر سرشتا ڏئي، غربت مان ڪڍڻ جي ۽ ترقي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار آهي. اِهو سڀ ڪجهه ڇا بنا اخلاقيات جي ممڪن آهي؟! هڪ بهتر دنيا اخلاقيات ۽ پيشيورانه چال چلت / هلت کان سواءِ اڌورو خواب ثابت ٿيندي. اسانکي ان انجنيئري اخلاقيات جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جي شديد ضرورت آهي. ان اهم ڪم کي اسان بلڪل وساري ويٺا آهيون. دنيا ۾ هاڻ انجنيئرنگ جي انهن پاسن تي ڪم ٿي رهيو آهي. انجنيئرنگ جي ڪورسن ۾ سروس لرننگ جو سبجيڪٽ پڻ شامل ڪيو ويو آهي. جنهن جي ذريعي شاگردن کي ڪميونٽي / عام ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻو ٿو پوي ته جيئن هو عام ماڻهن ۽ معاشري جا مسئلا سمجهي سگهن ۽ پنهنجي تعليم ۽ هنرن سان ان کي ڳنڍي سگهن! اسان گهڻا پوئتي آهيون اسانجون يونيورسٽيون اهڙا انجنيئري ڪورس ته ٺهيو پر بنيادي انجنيئري جي اخلاقيات جهڙو سبجيڪٽ ڪونه پڙهائين. گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان انجنيئرنگ ڪؤنسل جو 1976ع جو ايڪٽ ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ اٿڪس ته پڙهائڻ کپي. نوڪري جي دوران هر سال هڪ دفعو گهٽ ۾ گھٽ ان سان لاڳاپيل لوڪل ۽ عالمي تجربا، علم ۽ تربيتون ٻڌايون ۽ ڏنيون وڃن.

پاڪستان ۽ سنڌ ۾ هڪ تمام مضبوط افسر شاهي جو نظام آهي، جنهن کي مقابلي جي امتحانن مان پاس ڪيل آفيسر هلائن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن چور دروازي ۽ سڌي ڀرتي جهڙن حربن جي نتيجي ۾ پڻ (ٻين شعبن جيان) نوڪرين ۾ شامل ٿيو وڃن. انتظامي طؤر ۽ ادارتي طور تي مضبوط ۽ سگهاري حيثيت جي باوجود ڪنهن به پروفيشنل ميمبرشپ جي ذمري ۾ نٿا اچن. ان مان ڪنهن کي وڌيڪ يا گهٽ ثابت ڪرڻ واري ڳالهه نه آهي. صرف ايترو چوڻو آهي ته پروفيشنل هجڻ هڪ عزت، احترام، ذميداري ۽ ڄاڻ واري سماجي ۽ ادارتي حيثيت هوندي آهي.  ڪنهن به سرڪاري (۽ گهڻي حد تائين غير سرڪاري) اداري ۾ انجنيئر کي نوڪري يا ڪم ڪرڻ جي اجازت تڏهن ملندي جڏهن هوءَ يا هُو پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو ميمبر هوندو. 1976ع ۾ پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جو ايڪٽ پاڪستان جي پارليامينٽ منظور ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي ٻين ڪمن سان گڏ انجنيئرن کي رجسٽر ڪرڻ پڻ شامل آهي. سمجهڻ کپي ته ان ميمبرشپ جي آئيني، قانوني ۽ قاعدن کي پورو ڪرڻ جي حيثيت آهي. ان ڪري ئي جيڪو لاڳاپيل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ اخلاقيات آهي، اُها پُڻ هڪ قانوني ذميداري آهي.

انجنيئري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۾ ڪل چار آرٽيڪل آهن. جيڪي پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي سڀني ميمبرن تي لازم و ملزوم آهن. انهن جي مظابق هر ميمبر پاڪستان جي آئيڊيالاجي تي يقين رکندي پنهنجي ڪمن کي سرانجام ڏيندو. هو ايمانداري، غير جانبداري سان ملڪ، ادارن (جنهن ۾هو ملازم آهي يا ڪم ڪري ٿو) ۽ عام ماڻهن جي سچي دل سان خدمت ڪندو. پنهنجي انجنيئري پيشي جي عزت، معيار ۽ تقدس کي قائم رکندو/ رکندي. ان سان گڏ پنهنجي ڄاڻ ۽ قابليت کي انسان ذات جي فلاح لاءِ استمال ڪندو. پاڪستان جي انساني ۽ مادي ذريعن کي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪندو ته جيئن پاڻ ڀرائپ حاصل ڪري سگهجي. ڪڏهن به پنهنجي ذاتي مفادن جي ڪري قومي مفادن کي قربان نه ڪندو. انجنيئر جن جي لاءِ به ڪم ڪري ٿو، سو ڪم معيار جي اعليٰ قدرن ۽ سچائي ۽ وفاداري جي بنيادن تي ڪندو. پنهنجي پراجيڪٽن جي جيڪا ڪٿ (ايسٽيميٽ)، رپورٽون، شاهديون، رمارڪ وغيره، ڏيندو انهن کي ايمانداري ۽ حقيقت پسنديءَ جي پرک تي ڏسندو. پنهنجي غلطين کي کليل دل سان تسليم ڪندو ۽ ان ڳالهه کان مڪمل پاسو ڪندو ته بجاءِ غلطي مڃڻ جي، حقيقتن ۾ ڦيرڦار ڪري. پنهنجي اداري (حڪومتي، غيرسرڪاري، انفرادي) کي ڪنهن به اسڪيم / پراجيڪٽ جي باري ۾ صاف سٿري راءِ ڏيندو ته اِهو فائدي مند آهي يا نه ! پنهنجي ڊيوٽي ۾ عام انسانن جي ڀلائي کي سڀ کان مٿاهون رکندو.

ان ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ سان گڏ ڪوڊ آف اٿڪس پڻ آهي جيڪي قرآن شريف جي 10 آيتن جو خلاصو آهن، جن جو متن ۽ مقصديت عالمي انساني برابري ۽ سچائي جا بنياد آهن. ان ۾ انسانن کي اعتماد ڏيڻ، جڏهن ذميداري اچي ته انصاف سان فيصلو ڪرڻ، وزن، تور ۽ ماپ ۾ انصاف ڪرڻ، ڪنهن ماڻهو سان ذاتي رنجش جي ڪري بي انصافي / اڻ برابري واري رويي کان بچڻ جهڙا اهم عالمي اصول شامل آهن. ان ۾ وڌيڪ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪرڻ، بلڪل سڌو ۽ واضح بيان ڪرڻ، گلا خوري کان بچڻ، ٻين جي حق، ملڪيت کي غلط طريقي سان هڙپ ڪرڻ کان بچڻ، جهڙيون اهم ڳالهيون شامل آهن.جيڪڏهن ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کي ڏسجي ته ان جا سڀ آرٽيڪل هڪ عام انجنيئر کي پروفيشنل انجنيئر جي درجي ماڻڻ لاءِ بنيادي رستو فراهم ڪن ٿا. سمجهڻ گهرجي ته اِهي اسان انجنيئرن لاءِ لازمي آهن.

اسانجي سماجي، معاشرتي ۽ طرز حڪمراني ۾ آيل بگاڙ ۾ ڪافي ٻين سببن سان گڏ هڪ سبب هي به آهي ته پروفيشنل اخلاقيات جي تعليم ۽ تربيت کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو ويو آهي. هاڻ ڪنهن به جاءِ تي ڪميشن جي ڏي وٺ، جوڙ توڙ ۽ ادارتي غيراخلاقي اهڙا ته نوا گُڻ سکيا آهن جو جيڪڏهن ڪوبه فرد ان ڳالهه کان ٻاهر بيهڻ چاهي ٿو / ٿي ته سڄي سماجي ۽ ادارتي تهمتون ان کي سهڻيون ٿيون پون، بلڪه ان کي غيراخلاقي ۽ غير ادارتي شخص سمجهيو ٿو وڃي.. هونئن ته “هي نوٽو ڪرپشن” ،حلال رزق جو حصول عبادت آهي، يا اينٽي ڪرپشن / نيب محڪمن جو ڪرپشن جي خلاف ميرٿيان وغيره ڪرڻ (جن جي سربراهي وري اهڙا ماڻهو ڪن، جيڪي مون کان به ويل هجن) جهڙيون سڀئي ترڪيبون ڪجهه حاصل ڪرڻ نه ڏينديون. ان لاءِ ضروري آهي ته انجنيئرنگ يونيورسٽين کان وٺي، ادارن تائين هڪ مربوط ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن انجنيئر جي عزت نفس (سيلف اسٽيم) کي بلند ڪري سگهجي.

هن موقعي تي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ڇو ضروري هو ؟ڇو جو نئين سنڌ جي نئين سر تعمير ۾ انجنيئر کي هڪ اهم رول ادا ڪرڻو آهي، پنهنجي پروفيشن سان ڪيل قانوني وچن کي ياد ڪندي ڪجهه اهڙا بنياد وجهڻا آهن جو اهو پيشو ننڍن ماڻهن لاءِ آفيسر ۽ وڏن ماڻهن لاءِ ڪمدار واري جڪڙ کان نڪري هڪ اعليٰ پيشيور، هنرمند ۽ مئنيجر جي صورت ۾ سامهون اچي.

هن مضمون لاءِ هيٺين ڪتابن/رپورٽن کان مدد ورتي وئي:

The ethically Responsible Engineer ( RobertMcginn 2015)

PMDC Code of Ethics 2018

Pakistan Engineer Council Act ( 1976), Code of Conduct and Code of Ethics

The Global Engineer ( Engineers against Poverty)