لاهور (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل فرنچائز پشاور زلمي جي اوپنر صائم ايوب چيو آهي ته انجري کانپوءِ ٻيهر ڪرڪيٽ کيڏڻ تي خوش آهيان، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ منهنجي علاج ۽ ري ريب ۾ ڏاڍي مدد ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي صائم ايوب چيو ته پنهنجي ڪرڪيٽ کي اڳ کان به وڌيڪ انجواءِ ڪري رهيو آهيان، انجري دوران ناڪاري ڳالهيون نه سوچيون ۽ هاڪاري رهيس، مان ڪڏهن نه سوچيو ته ائين ڇو ٿيو. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ منهنجي علاج ۽ ري هيب ۾ ڏاڍي مدد ڪئي، انجري مون کي ذهني طور وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مان قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏڻ لاءِ پرجوش آهيان، هتي ڪرائوڊ گهڻو هوندو آهي، تنهن ڪري کيڏڻ ۾ مزو ايندو.