ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، خاص طور تي افغانستان سرحد سان لڳندڙ پاڪستاني علائقن ۾ دهشتگردن جا حملا وڌي رهيا آهن. هاڻي ته اهي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي به حملا ڪري رهيا آهن. اڪثر ڪري دهشتگرد افغانستان مان اچي حملا ڪن ٿا. توڙي جو افغانستان ۾ طالبان جي عبوري حڪومت اهو چوندي رهي آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏبي، پر انهن اعلانن ۽ واعدن باوجود دهشتگرد افغانستان جي سرزمين استعمال ڪري پاڪستان ۾ حملا ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي ته دهشتگردن وٽ آمريڪي خطرناڪ هٿيارن هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سبب هن خطي جي امن کي خطرا وڌي ويا آهن. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ چيو آهي ته افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار انتهاپسندن کي هٿ اچي ويا آهن. افغانستان بارڊر تي تازي واقعي بابت افغان حڪومت کي تحفظات بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آمريڪا جي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي ترديد ڪندي چيو آهي ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) کي افغانستان ۾ هٿ آيل هٿيار آمريڪا جا ناهن. آمريڪا ويندي ويندي اهڙا ڪي به هٿيار نه ڇڏيا، جيڪي ڪنهن جي ڪم اچي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا افغان فوج جي تربيت ڏني هئي ۽ هٿيار ڏنا هئا. جڏهن طالبان اقتدار سنڀاليو ته افغان فوج اهي هٿيار ڦٽا ڪيا هئا.
هاڻي ته کڻي ڪنهن حد تائين آمريڪي “جوهر” جهڪو ٿي ويو آهي، نه ته ماضيءَ ۾ اهو دنيا جو اڪيلو لٺ سردار بڻيل هو، ان خطرناڪ هٿيارن جو ڪوڙا الزام لڳائي عروس البلاد جي سڃاڻپ سان تاريخ جي صفحن ۾ ساهه کڻندڙ بغداد سميت عراق جي سکي ستابي تهذيب کي کنڊرن جو ڍير بڻائي ڇڏيو. صرف اهو ئي نه، آمريڪا لبيا ۾ ڪرنل قذافيءَ جي حڪومت ختم ڪري تباهي آندي. ان کانسواءِ شام ۾ پڻ تباهي ۽ بربادي آڻڻ لاءِ وسان نه پيو گهٽائي. آمريڪا پنهنجي ست بگهاڙي نيٽو فورسز سان گڏ افغانستان تي حملو ڪيو ۽ آمريڪي ميزائل ڪنهن جنڊ آهوڙن جيان افغانستان جي جبلن کي چچريندا رهيا. هٿ وٺي افغانستان ۾ وار لارڊز پيدا ڪيا ويا، جيڪي انساني سِسين جا مينار ٺاهي، سِسين ۾ سنگينن سان سوراخ ڪري ميڻ بتيون ٻاري فتح جا جشن ملهائيندا هئا ۽ پوءِ طالبان جي فخريه پيشڪش پڻ سامهون آئي، جنهن لاءِ اسان جون ماضيءَ جون پاليسيون ذميوار آهن. گهڻو پري نٿا وڃون، رڳو عمران خان جي حڪومت دوران به ويڙهاڪن کي سوات ۽ ٻين قبائلي علائقن جي راهداري ڏني وئي ۽ اتي جا ماڻهو دهشتگردن جي آمد خلاف مهينن تائين سراپا احتجاج رهيا، تنهن کانپوءِ مس مس انهن پرڏيهي ويڙهاڪن کي اتان ڌڪيو ويو. هاڻي جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته انهن ويڙهاڪن وٽ افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار موجود آهن ته اها انتهائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي. هي ملڪ عالمي طاقتن جي مفادن جي جنگ جو ميدان بڻيل آهي. اڳ ۾ به پاڪستان آمريڪا جي غير نيٽو اتحاديءَ جي حيثيت ۾ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ جي نالي ۾ آمريڪي مفادن جي جنگ وڙهي، جنهنڪري دهشتگردي سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي، آپگهاتي حملن جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ تمام وڏي تعداد ۾ نه صرف انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو پر بيگناهه ماڻهو به مارجي ويا. جان ڪربي جي وضاحت پنهنجي جڳهه تي پر اهي ڳالهيون عام آهن ته آمريڪا افغانستان ۾ 7 ارب ڊالرن جا خطرناڪ هٿيار ڇڏي ويو، جيڪي پوءِ ٽي ٽي پي، القاعده ۽ داعش کي هٿ اچي ويا آهن.
چين جي وڌندڙ اثر سبب آمريڪا ان خطي کي مستقل جنگ جو ميدان بڻائي رکڻ ٿو چاهي. اڳ ۾ ئي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، وري جي بنياد پرستن کي ايڏي وڏي تعداد ۾ خطرناڪ ۽ انتهائي جديد هٿيار هٿ اچي ويا آهن ته اهو هن خطي جي امن جي لاءِ مستقل خطرو آهي. ان ڪري افغانستان حڪومت کي به روايتي بيانن ۽ اعلانن کان اڳتي وڌي افغانستان مان دهشتگرد حملا بند ڪرائڻ لاءِ تحرڪ وٺي سنجيدگيءَ جو ثبوت ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پُرامن پاڪستان خود افغانستان جي به مفاد ۾ آهي. پاڪستان حڪومت کي به ماضيءَ جي مصلحت وارين پاليسين کي ترڪ ڪري دهشتگردن کي سمورن طاقت سان چٿڻ گهرجي. ملڪ ۾ بنيادپرست پيدا ڪندڙ نرسريون بند ٿيڻ گهرجن. ملڪ مان افغان پناهگيرن سميت غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي تڙيو وڃي، جن جي ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ ۾ ملوث هئڻ جون رپورٽون ڳجها ادارا به ڏيئي چڪا آهن.