انتهاپسندي کان آجي سنڌ: سڀاڻي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاءِ ڀرپور تياريون جاري، دنيا کي امن جو پيغام ڏينداسين: عوام

0
19
انتهاپسندي کان آجي سنڌ: سڀاڻي ايڪتا ڏينهن ملهائڻ لاءِ ڀرپور تياريون جاري، دنيا کي امن جو پيغام ڏينداسين: عوام

ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏينهن ملهايو ويندو، ايڪتا ڏينهن جون تياريون جاري آهن، ان حوالي سان ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوهان ڪهڙيون تياريون ڪيون آهن؟ ايڪتا ڏينهن ڪٿي ۽ ڪيئن ملهائيندا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايڪتا جون ڀرپور تياريون جاري آهن، هي ڏينهن عيد جيان آهي، انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ڏينهن ملهائي دنيا کي امن جو پيغام ڏينداسين، 6 ڪئنالن خلاف احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويندو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي تاج محمد رند لکيو ته گذريل سال جيان هن سال به سکر ۾ ثقافتي عيد ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي ۽ مُک سکر نيشنل پريس ڪلب جي ميزباني هيٺ گلوب چوڪ تي ٿيندي. سنڌ ميلو جي سِري هيٺ ٿيندڙ مُک تقريب ۾ تمام تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سکر جي مڙني سياسي، سماجي، ادبي، قومي، ڪاروباري ۽ مذهبي ڌرين پاران مُک تقريب ۾ باضابطه شرڪت ڪرڻ جي اعلان سان گڏ سنڌ ميلي جي ڪاميابي لاءِ مهم پڻ هلائي پئي وڃي. پهرين ڊسمبر يعني آچر جي رات ٻارهين وڳي سکر نيشنل پريس ڪلب ٻاهران گلوب چوڪ تي آتشبازي جو مظاهرو ڪري ثقافتي عيد جي آجيان ڪئي ويندي. پهرين ڊسمبر تي صبح جو سوير گلوب چوڪ تي تمام وڏو اسٽيج تيار ڪيو ويندو. جتي صبح 10 وڳي کان ثقافتي عيد جون تقريبون شروع ٿينديون. رات جو ٻارهين تائين وقفي وقفي سان سنڌو درياءَ، ماحولياتي تباهي، عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن سميت مختلف موضوعن تي ٽيبلوز، اسٽيج ڊراما پيش ڪيا ويندا. سکر سميت سنڌ جي مختلف علائقن جا ناميارا راڳي قومي گيت پيش ڪندا. قومي شاعري، ادبي رهاڻ جو محفلون ٿينديون. اديب، شاعر، صحافي،وڪيل، شاگرد، سياسي، سماجي ۽ قومي اڳواڻ سنڌو درياءَ تي ڌاڙي، انتهاپسندي جي لعنت، سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت تي تقريرون ڪندا. ان خوبصورت تقريب ۾ ڌرتيءَ جون ڌيئرون ۽ مائرون، گلاب جي پنکڙين جهڙا ٻارڙا توڙي بزرگ هميشه جيان ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجي وطن، تاريخ، تهذيب، ٻولي، ثقافت ۽ سنڌو ندي سان محبت جو خوبصورت اظهار ڪندا. سارنگ منير سومرو لکيو ته ھن سال به اسان عيد ڪري ملھائينداسين ھن ڏينهن جي حوالي سان علي قاضي جا شڪرگذار آھيون جنهن ايڪتا عيد سان گڏ عيد وري انتھا پسندي کان آجي سنڌ جو نعرو ڏنو، علي دوست خاصخيلي لکيو ته جمال شاھه ۾ ايڪتا ڏھاڙو ھر سال جيئان ھن سال به ملھائينداسين. عبدالرحمان چانگ لکيو ته ايڪتا ڏينهن ڪرونڊي ۾ ملهائينداسين ٽائيم نيوز جو حصو هجڻ ناتي ڪرونڊي ۾ رٿيل پروگرام جي ڪوريج ڪنداسين، مبين اڄڻ لکيو ته آئون ھر سال پنھنجي پريس ڪلب کھڙا جي ساٿين ۽ شھر واسين سان سنڌ جي ثقافتي ڏينھن ملھائيندو آھيان پريس ڪلب کھڙا جي سامھون وڏو پنڊال سجايو ويندو آھي جتي ايڪو سائونڊ توڙي دھل شرنائين سان سنڌي فنڪارن جا ڪلام ھلايا ويندا آھن ڪيترائي اسڪولي شاگرد سنڌ جي ثقافت تي ٽيبلو ۽ تقريرون پڻ ڪندا آھن آئون انھي پروگرام ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض سر انجام ڏيندو آھيان، سرمد گاڏهي لکيو ته ايڪتا ڏهاڙي اسين ھر سال قومي عيد وانگر ملھائيندا آھيون جس لھي ايڪتا باني محترم علي قاضي جنھن سنڌ کي ايڪتا جي رنگن ۾ سلھاڙيو انھيءَ ڏينھن اسين ڀرپور نموني ٻارڙن سان گڏ ملھائيندا آھيون، آصف علي ابڙو لکيو ته اسين ايڪتا جو ڏهاڙو سچل سائين جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ خيرپور مرڪزي ريلي ۾ شريڪ ٿي ملهائينداسين ۽ شام جي ٽائيم سکر گلوبل چوڪ تي ميوزيڪل پروگرام ۾ شريڪ ٿي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين، ضمير حسين لکيو ته راضي خان پبلڪ اسڪول نيوجتوئي پاران سڀاڻي ايڪتا ڏھاڙو ڀرپور نموني ممھايو ويندو تياريون مڪمل آهن، محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته هر سال وانگر هن سال به ايڪتا ڏهاڙو وڏي جوش جزبي سان ملهائبو، خالد نوتڪاڻي لکيو ته ايڪتا جو ڏينھن پنھنجي شھر ۽فيملي سان گڏجي ملھائيندا سين، سنڌ سان گڏجي ڏک سور سلينداسين، عبدالله ڀٽي لکيو ته سنڌ ۾ ڪا به انتھا پسندي ناھي زوري سنڌ مٿان انتھا پسندي نه ٿاڦيو اھو سنڌي ماڻھن مٿان الزام لڳائڻ آھي جيڪو غلط آھي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي شھر ۾ ايڪتا ڀرپور نموني ملهائينداسين، شفيق جمالي لکيو ته اسان سنڌو جا وارث آهيون ايڪتا ريلي ڪڍنداسين، اشفاق چانڊيو لکيو ته ايڪتا ڏينھن انشاءَ الله ڪينجهر تي ملهائينداسين ڀرپور تياريون ڪيون ويو آهن،  وقار حيدر لکيو ته مٺي ۾ پهرين ڊسمبر تي ڀرپور نموني ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، مڪيش منجهيرا لکيو ته راڳ، رنگ، رقص ۽ موسيقيءَ سان انتهاپسندي کي ۽ فڪرِ جي ايم سيد سان سنڌ دشمن قوتن کي ٻُنجو ڏبو. سميع الرحمان لکيو ته اسين ايڪتا ڏينهن ڌام ڌوم سان ملھائيندسين اسڪولن ۾ شاگرد توڙي استاد بلڪل اجرڪ ٽوپي ۾ جرڪندا نظر ايندا ھو جمالو تي رقص ٿيندا سنڌ جا گيت ڳائبا، مير مرتضيٰ چانڊيو لکيو ته اسان سنڌي انتهاپسندي کي رد ٿا ڪريون ۽ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ڏنل سڏ تي پنهنجي شهر ملڪاڻي شريف ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا جو ڏينهن ملهائينداسين، نظر محمد ڪنڀر به سروي ۾ حصو ورتو، ساگر علي رضا لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو پنهنجي شهر ۾ ئي ملهائبو، مير صدرالدين لکيو ته ڏهرڪي ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائبو، نيازعلي جت لکيو ته سنڌ ۾ جھڙي انتھا آهي اھڙي ڪٿي آهي ڪونه، سمير احمد لکيو ته ڳوٺ پريو جمالي واهي پانڌي ۾ ايڪتا ملهايو ويندو، غلام مرتضيٰ مري لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ايڪتا ڏينهن ملهائينداسين، شاهد علي سولنگي به سروي ۾ حصو ورتو، قاسم خاصخيلي لکيو ته هن ڀيري ڪراچي ۾ ايڪتا ڏهاڙو جوش روايتي جذبي سان ملھائي دنيا کي انتها پسندي کان پاڪ سنڌ ۽ امن جو پيغام ڏينداسين. قادر بخش زئور لکيو ته ميرپوربٺوري ۾ ڀرپورتياريون آھن، ڪامريڊ بشير مزاري لکيو ته اسين ايڪتا ڏهاڙو سنڌو درياءَ تي پنجاب طرفان ڇھه ڪئنالن خلاف پنھنجي شھر مريد شاخ کان احتجاجي مظاهرو ريلي ڪڍي غيرقانوني ڪئنالن کي رد ڪنداسين گڊو بئراج سنڌوءَ درياءَ کي ڀيٽا پيش ڪنداسين، عبدالحفيظ ڪلهوڙو لکيو ته ڪراچي ۾ ملهائينداسين، مير علي نواز لکيو ته شاهپور چاڪر ۾ ملهائينداسين، علي حسن قاضي به سروي ۾ حصو ورتو، ايڊووڪيٽ سرور وڪو لکيو ته اسان سنڌي انتهاپسندي کي رد ٿا ڪريون ۽ ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي ڏنل سڏ تي پنهنجي شهر ھوسڙي حيدرآباد ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا جو ڏينهن ملهائينداسين، سڀني دوستن سان گڏ سوين گاڏين جي ريلي ڪڍنداسين، عصمت الله حسن لکيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسين ھر سال قومي عيد وانگر ملھائيندا آھيون جس لھي ايڪتا باني محترم علي قاضي جنھن سنڌ کي ايڪتا جي رنگن ۾ سلھاڙيو انھيءَ ڏينھن اسين ڀرپور نموني ٻارڙن سان گڏ ايڪتا ملھائيندا آھيون، راجيش ڪمار لکيو ته راڳ، رنگ، رقص ۽ موسيقيءَ سان انتهاپسندي کي ۽ فڪرِ جي ايم سيد سان سنڌ دشمن قوتن کي ٻُنجو ڏبو. منور ناٿو لکيو ته ايڪتا ڏهاڙي اسين ھر سال قومي عيد وانگر ملھائيندا آھيون جس لھي ايڪتا باني محترم علي قاضي جنھن سنڌ کي ايڪتا جي رنگن ۾ سلھاڙيو انھيءَ ڏينھن اسين ڀرپور نموني ٻارڙن سان گڏ ملھائيندا آھيون، اياز کهاوڙ لکيو ته هرسال جيان هن سال به ايڪتا عيد وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسون ڇاڪاڻَ ته سنڌ ڌرتي امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي. ان ۾ رڳو نج انسان ذات سان محبت جو درس ورهايو ويو آهي. هاڻَ به ساڳي ريت ۽ رسم کي ورجايو ويندو. شاهزمان به راءِ جو اظهار ڪيو، زوار يعقوب علي لکيو ته محترم علي قاضي صاحب کي سڀ کان پھريان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا جنھن اسان کي ھي قومي عيد جو ڏينھن عطا ڪيو جنھن جي نسبت سان اڄ دنيا ۾ جتي جتي سنڌي رھن ٿا ھي ڏينھن پنھنجي روايتي انداز ۾ ملھائين ٿا، جاويد جان ڪيريو لکيو ته 1 ڊسمبر سنڌ جي ايڪتا جو ڏينھن: 1 ڊسمبر تي ثقافتي ڏھاڙي کي قومي عيد جيان ملھائڻ جون تياريون زور شور جاري آھن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ثقافتي رنگ نکرجي پيا آھن ڪٿي ثقافتي مچ ڪچھريون ته ڪٿي وري ريليون ڪڍي پنھنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو پيو وڃي اسان کي فخر آھي ته اسين ھزارين ورھين جي تھذيب ۽ ثقافت رکندڙ سنڌ ۾ رھون ٿا سنڌ ھڪ تاريخي خطو آھي ۽ سنڌي اھا قوم آھي جنھن ڪڏھن به ڪنھن رياست ۽ علائقي تي حملو ناھي ڪيو جيڪو اسان جي پر امن ھجڻ جو ثبوت آھي سنڌي ماڻھو پنھنجي رھڻي ڪھڻي ريتن رواجن ۽ مھمان نوازي جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا پنج ھزار سال اڳ موھن جي دڙي جي پڪين سرن سان گھرن جي اڏاوت ان ڳالھه جي نشاھدي ڪري ٿي ته اسان جي تھذيب دنيا کي سول انجنيئر جو تصور ڏنو آھي ۽ دنيا جو پھريون زرعي انقلاب به سنڌ کان ئي شروع ٿيو، تاريخ مان ثابتي ملي ٿي ته اسان جي پياري پيغمبر اسلام ص جن جي ھڪ چادر مبارڪ به اجرڪ جھڙي ئي ھئي، سنڌي ٽوپي پائڻ اسان لا۽ فخر آھي اسان جي اھا رسم آھي ته اسان پنھنجي خوشي جي وقت سنڌي ٽوپي پائڻ پٽڪو ٻڌڻ اجرڪ اوڍڻ ۾ اسان فخر محسوس ڪندا آھيون، احسان عيسيٰ لکيو ته ايڪتا ڏھاڙي جي باني محمد علي قاضي صاحب کي پندرهين ايڪتا عيد جون اڳواٽ اڻ ڳڻيون واڌايون ھجن، سجاول کان ريلي ڪڍي مک تقريب ڪراچي پريس ڪلب پهچنداسين ايڪتا عيد جون تياريون عروج تي آھن، رضا حسين چانڊيو لکيو ته انتھاپسندي کان آجي سنڌ ۽ سنڌودرياءَ جي ڌاڙو نامنظور جي سري ھيٺ وڏا پوسٽ بينر کڻي سنڌ جي روڊن،رستن تي اھو پيغام کڻي نڪرجي ته ھي ڌرتي صُوفين جي ڌرتي آھي ھتي ڪنھن به قسم جي انتھاپسندي بلڪل قبول ناھي،سنڌو درياءَ تي پنجاب جو قبضو قبول ناھي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته ايڪتا عيد ڀرپور نموني سان ملھائينداسين، سڀني ايڪتا عيد ملھائيندڙن کا گُذارش آھي ته اُن ڏهاڙي نڪرندڙ ريلين ۾ هِڪڙو بئنر ضرور کڻجو جنھن ۾ لکل هجي درياءَ تي ڌاڙو نامنظو، شاهد حسين جمالي، ايوب شر به سروي ۾ حصو ورتو، سريش ڀيل لکيو ته اسان سنڌي انتهاپسندي کي رد ٿا ڪريون ۽ ٽائيم نيوز پنهنجي اخبار جي ڏنل سڏ تي پنهنجي شهر ڏيئي شهر ۾ ڀرپور نموني سان ايڪتا جو ڏينهن ملهائينداسين، جي ايم چانڊيو لکيو ته آئون سمجھان ٿو ته ھن سال ايڪتا احتجاج طور ملھائي وڃي سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن جو آواز کڻي نڪرجي اسان ھر سال ھزارين جي تعداد ۾ ايڪتا ملھائڻ نڪرون ٿا صرف اھو چون ٿا ته اسان جي سنڌ پنج هزار سال پراڻي تھذيب آھي پر اھو به سوچجي ته ايتري وقت کان سنڌ ۾ ڪو سڌارو نظر آيو آهي سنڌ جا معدني وسيلا ھڙپ ڪرڻ کان پوءِ به سنڌ جي ساھه سنڌو درياءَ تي ھيڏو وڏو ڌاڙو سنڌين کي پنڻ تي مجبور ڪيو آهي پر ھاڻي سنڌين کان پئيڻ جو پاڻي به کسين پيا ته ھن سال سڀ نڪرن پر سنڌو جو آواز بڻجي.