خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ سڏ تي انتهاپسندي کان آجي سنڌ جي عنوان هيٺ پهرين ڊسمبر تي ايڪتا عيد ملھائڻ جي حوالي سان جساف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور طرفان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌي ثقافتي لباس پائي سنڌي گيتن تي رقص ڪيو، ريلي دوران انساني زنجير ٺاهي ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن اڪبر مڪول، ذيشان ڪيريو، رشيد سنڌي ۽ ٻين چيو ته پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائينداسين، هنن چيو ته سنڌ امن پسندن، صوفين بزرگن ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي جن هميشه امن پيار ۽ پريت جو پيغام ڏنو آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ انتها پسندي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ سان سنڌ جي ثقافت اجاگر ٿئي ٿي، جنهن جو ڪريڊٽ علي قاضي ڏانهن وڃي ٿو.