ٿر جو مجموعي طور تعارف اھو رھيو آھي ته، ٿر، ملڪ جي ٻين خطن کان ڪافي حوالن سان نرالو آهي، تصوف ۽ ويدانت جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل ٿر جي ڳوٺن جي منفرد جوڙجڪ (هڪ ئي ڳوٺ ۾ مختلف ذاتيون بنان ڪنهن مت ڀيد جي رهندڙ) وطن سان محبت جا لازوال مثال رکندڙ ( مارئي، راڻو ڪرن، روپلو ڪولهي، هانسو سوڍو، عثمان ڏيپلائي، رائچند هريجن، گهمن سنگهه ڀيل)، مذهبي ۽ سماجي رواداري (مسڪين جهان خان کوسو، نندلال نندن، سنت نيڻو رام، سچل  جنجهي، مولوي عبدالهادي راوت سري، عبداللطيف چنو)، قدرتي وسيلن تي گڏيل انحصار (گئوچر، ترايون، ٽوپا، اجهور، نياڻ،  مقام) ۽ ڌرتي جي نسبت سان ڀائيچاري وارو انمول سڀاءٌ ( کوڙو، گود، جيئرن جا ڄاڃي، مئي جا ڪانڌي) رکندڙ ماروئڙن جو وطن هر هڪ رهواسيءَ لاءِ سُک، آسائش ۽ رُوح کي راحت ڏيندڙ ماڳ رهيو آهي. هتان جي لازوال داستانن ۾ جتي ڪمال جون سُٺايون آهن، اُتي ڪي ننڍڙيون اڻ وڻندڙ  زماني سازيءَ جي لهر ۾شيون اُڀرينديون به آهن، جن کي راڄ ڀاڳ جا رکوالا پنهنجي سرت، ساڃاهه سان توري تڪي ختم ڪندا رهيا آهن. راڄ مڙسن جي  اهڙي ڪردار سان ٿر اڄ به مجموعي طور تعصب کان آجو ۽ امن جو گهوارو هئڻ سان گڏ تعليم جي ذريعي سماجي اوڻاين ۽ طبقاتي اڻبرابرين ۾ گهٽتائي آڻيندڙ علائقن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.

سماج جي داخلي توڙي خارجي اثرات ۾ جڏهن ڪا منفي هٿي ملي ويندي آهي، تڏهن اڻ وڻندڙ واقعا پنهنجي اصل حقيقت کي جهڪو ڪري نئين ويس سان سامهون اچي ويندا آهن، پوءِ انهن جو نبيرو وڏي مشڪلات سان ٿي ته ويندو آهي پر ڌُرين جي دلين تي ڪس گهڻو وقت تائين ڪر پيو کڻندو آهي، جنهن جي ڪري ٿوري گهڻي تي “تون _ڇا” جي تند پئي وڄندي آهي.

ڪڏهن ڪڏهن اڻ وڻت جي معمولي ڳالهه تان وري ويڙها وڙهي اٿندا آهن، ويڙهه ۾ عام ماڻهو پنهنجي سموري سگهه پوري انا جي تسڪين ۾ وڃائي گهڻو پوئتي هليو ويندو آهي. اهڙن واقعن جي نتيجي ۾ اجتماعي ترقيءَ جا مثبت ۽ ڏور رس نتيجا ڪجهه وقت لاءِ رڪجي ويندا آهن يا سندن رخ ڦري ويندو آهي. ٿر ۾ تبديلي اچي پيئي پر بنا ڪنهن منصوبابندي ۽ سوچ سمجهه جي وٺ وٺان لڳي پيئي آهي ۽ اُٻهرائي ۾ ڪي ڌريون پنھنجن ننڍڙا مفادن جي حاصلات جي لاءِ رواداري ۽ ڀائيچاريءَ جي تاڃي پيٽي کي ٽوڙي منفي پهلو پسائي رهيون آهن ٿر جا اھي انسان دوست ماڻھو جيڪي ٿري سماج ۾  صاحبِ راءِ جي  حيثيت رکن ٿا.

جن جي راءِ کي عام ماڻھن ۾ مقبوليت حاصل آھي، انھن کي ھن وقت کان ئي سچيت ۽ سجاڳ ٿيڻ گھرجي. ٿر جي ڌرتيءَ مان ملندڙ معدنيات جي ڌن کي ڪيتريون ئي ميريون اکيون تڪي رھيون آھن. ٿر جي ريت رواج موجب، ڳوٺن جي گوئاڙي ۽ سيم ۾ اھو ماڻھو ڦري سگھي ٿو، جنھن جو مڪان ۾ زمين جو  ٽڪرو ھجي. گذريل ڏھن سالن ۾ ٿر جي ڪيتري ئي زمين ٿر جي سماج جي تاڃي پيٽي کان نا واقف ۽ موقعي پرستي مان فائدو وٺندڙن ماڻھن ورتي آھي، اھي ماڻھو پنھنجو فائدو وٺڻ جي لاءِ ڪھڙو به  قدم کڻي سگھن ٿا.