اوهائيو(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ 3 ڀينرن 40 سالن کان رکيل هڪ سڪو منظر عام تي آندو آهي، جنهن جي قيمت وڌي 5 لک ڊالر ٿي وئي آهي. 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اوهائيو جي ڀينرن وٽ هڪ پئسي جو سڪو رکيل آهي جيڪو کين ورثي ۾ مليل آهي. جيئن ته اهي ڄاڻين پيون ته اهو سڪو قيمتي آهي، پر هن وقت تائين انهن کي اها خبر نه هئي ته اهو سڪو ڪيترو قيمتي آهي. گريٽ ڪليڪشن جي صدر ڪرنسي ماهر ۽ آن لائن نيلامي جا انتظام ڪندڙ ايان رسل چيو ته هي غير معمولي ناياب سڪو 1975 ۾ سان فرانسسڪو ۾ يو ايس منٽ پاران تيار ڪيو ويو هو، غير معمولي سڪو 5 لک ڊالرن کان وڌيڪ قيمت ۾ نيلام ٿي سگهي ٿو. اهڙو ئي هڪ ٻيو سڪو 2019 جي نيلامي ۾ پيش ڪيو ويو هو جيڪو 4 لک 56 هزار ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو هو.