جوھي(رپورٽ: حنيف لغاري) ڪاڇي جي ٽن يونين ڪائونسلن جي مين جوھي حاجي خان روڊ  15 سالن کان رولڙي جو شڪار ٿيڻ تي ڪاڇي جي ڳوٺاڻن منور سولنگي خليل لغاري عابد ۽ لطيف ۽ ٻين جوھي پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري دادو جوھي مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جتي احتجاج ڪندڙ منور سولنگي  ايم اين اي رفيق جمالي، ايم پي اي صالح شاھه جيلاني کي پاڪ ڪتاب ھٿ ۾ کڻي واسطو ڏيندي چيو تـ انتقام بند ڪريو 15 سالن ۾ ٽٽل روڊ تعمير ٿيڻ ڏيو ۔  جتي ڌرڻو ھڻي ويٺل ڪاڇي واسين الزام ھنيو تـ 15 سالن کان روڊ  کي رولڙي جو شڪار بڻايو ويو آھي ڳوٺ حاجي خان مان ووٽ نـ ملڻ تي انتقامي ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، ڳوٺاڻن موجب گذريل ڏينھن بـ جوھي حاجي خان روڊ تي حادثي م معصوم ٻارڙو لعل بخش گوپانگ  فوت  ٿي چڪو آھي جنھن ڪري ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي قران جي واسطو آھي  انتقام بند ڪري روڊ تعمير ڪرايو وڃي ـ جوھي حاجي خان روڊ 2010ع 2020ع ۽ 2022ع کان مختلف وقتن تي نئين گاج م ايندڙ ٻوڏ سبب ھنڌان ھنڌان ٽٽندو رھيو جنھن کي تعمير ڪرائڻ م 15 سال گذري ويا آھن اڃا تائين روڊ تي ڌوڙ اڏري رھي آھي  ـ ذريعن موجب حاجي روڊ جي تعمير  ۾ 7 ڀيرا ٽينڊر ٿيا سڀ ٽينڊر ھڪ ئي بااثر ڌر جي ماڻھن کي ٺيڪا ملندا رھيا ليڪن روڊ تعمير نـ ٿيو ذريعن موجب 7 ڀيرا روڊ تعمير ٿيڻ کان اڳ ڪاغذي ڪارروائي ۾ روڊ مڪمل ڏيکاريو ويو آھي، ذريعن موجب اھڙي انڪوائري پڻ ھلندڙ آھي جنھن تي ڪاڇي جي ماڻھن چونڊيل نمائندن لاءِ قران جا واسطا ڏيڻ لاءِ به احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو آھي، ھوڏانھن چونڊيل نمائندن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جتي سندن نمبر مسلسل بند مليا آھن.