لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي انٽري کانپوءِ نواز ليگ به ايڪشن ۾ اچي وئي، نواز ليگ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ۽ ٽڪيٽ هولڊرن جو اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف جي واپسي بحران ۾ ڦاٿل پاڪستان لاءِ نئين سج جو اڀرڻ آهي، پاڪستان جو پٽ هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اچي رهيو آهي، هن چيو ته نواز شريف قوم کي مهانگائي، معاشي بدحالي کان نجات ڏيارڻ لاءِ اچي رهيو آهي، مريم نواز چيو ته ملڪ کي انتقام نه، اتحاد، امن، معاشي ترقي، مهانگائي کان نجات واري ايجنڊا گهرجي، عوام نواز شريف کي ٻه ڀاڱي ٽئي وڌيڪ مينڊينٽ ڏئي، اجلاس ۾ شامل ميمبرن چيو ته نواز شريف کي ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي، نواز شريف کي مليل سزا پاڪستان ۽ عوام خاص طور پنجاب ۽ لاهور جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، وطن واپسي تي نواز شريف جو تاريخي استقبال ڪيو ويندو چيف آرگنائيز مريم نواز چيو ته 21 آڪٽوبر پاڪستان جي سياسي ۽ جمهوري تاريخ جو هڪ روشن باب بڻجندو، عوام نواز شريف کي ٻه ڀاڱي ٽئي کان وڌيڪ مينڊيٽ ڏئي، واعدو آهي ته معاشي بحالي سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏينداسين، نواز شريف قوم ۽ ملڪ کي ٻيهر بحرانن مان ڪڍندو، عوام چال بازن، فراڊين، ڪوڙن ۽ توشا خانه چورن جي پروپيگنڊا کان هوشيار رهي، مريم نواز چيو ته يقين ڏيارن ٿي ته عوام جا سٺا ڏينهن اچڻ وارا آهن عوام چونڊن ۾ شينهن تي ٺپو هڻي، اهو نشان اوهان شينهن تي نه پر پنهنجي محرومين ۽ معاشي بدحالي ۽ مهانگائي جي خاتمي تي لڳائيندا، عوام نواز شريف کي واضح مينڊيٽ ڏئي اسان عوام کي مهانگائي ۾ واضح گهٽائي ڪري ڏيکارينداسين.