جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو، 3 نينگر کليل گندي نالي ۾ ٻڏي ويا، 2 سئوٽ فوت، هڪ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل،شهر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد اسپيشل فورس گرائونڊ وٽ کليل گندي نالي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 3 نينگر خدا بخش، ضامن علي ۽ رحيم علي ٻڏي ويا، ٽنهي نينگرن کي گندي نالي مان پاڙي وارن ڪڍيو بروقت اطلاع باوجود ايمبولينس نه پهتي پاڙي وارن چنگچي تي کڻائي ٽنهي نينگرن کي سول اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال ۾ 2 سئوٽ 12 ورهين جو خدا بخش گوپانگ ۽ 16 ورهين جو ضامن علي گوپانگ فوت ٿي ويا، جڏهن ته رحيم علي کي بيهوشي جي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، اطلاع تي فوتي نينگرن جا وارث به اسپتال پهتا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻن معصوم نينگرن جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو،
افسوسناڪ واقعي بعد انتظاميا جاڳي پئي، کليل گندي نالي کي بند ڪرايو ويو
جيڪب آباد: افسوسناڪ واقعي ۾ ٻن سئوٽن جي فوت ٿيڻ بعد ضلعي انتظاميا پاران کليل گندي نالي کي بند ڪرايو ويو آهي جيڪڏهن پهرين اهو نوٽيس وٺي ڪم ڪرايو وڃي ها ته افسوسناڪ واقعو پيش نه اچي سگهي ها.
جمس مان گهرايل ايمبولينس ۾ تيل ختم ٿي ويو، آڪسيجن جي به سهولت نه هئي
جيڪب آباد: اسسٽنٽ ڪمشنر احمر آفتاب ميمڻ اطلاع تي سول اسپتال پهتو، بيهوش ٿيل نينگر کي لاڙڪاڻي منتقل ڪرڻ لاءِ جمس اسپتال مان ايمبولينس گهرائي ته ان ۾ تيل نه هو نه ئي ايمبولينس ۾ آڪسيجن جي سهولت هئي، جنهن کان پوءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ريسڪيو 1122 وارن کي ڪال ڪري بيهوش ٿيل نينگر رحيم علي گوپانگ کي لاڙڪاڻي منتقل ڪرايو.
اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿيا: وارث
جيڪب آباد: اسپتال ۾ ٽنهي نينگرن کي پهچايو ويو ته ڊاڪٽر موجود نه هئا نه ئي اسپتال ۾ سهولتون هيون، فوتي نينگرن جي وارثن الزام مڙهندي چيو ته نينگرن کي گندي نالي مان ڪڍي ريسڪيو کي ايمبولينس فراهم ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي وئي پر انهن نمبر اٽينڊ نه ڪيو جنهن سبب ٽنهي نينگرن کي چنگچي رڪشا تي بيهوشي جي حالت ۾ سول اسپتال پهچايو ويو جتي طبي سهولتون نه هيون نه ئي ڊاڪٽر به موجود هئا جنهن سبب ٻه نينگر تڙپي تڙپي فوت ٿيا آهن.