اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني پي ٽي آءِ جي وڪيل ۽ فوڪل پرسن انتظار حسن پنجوٿا جي بازيابي کانپوءِ اٽڪ پوليس انتظار حسين پنجوٽا کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي ۾ انتظار حسين پنجوٿا جي اغوا ۽ گمشدگي جو ڪيس داخل آهي. ايس پي سٽي اسلام آباد پوليس نفري سميت اٽڪ پهتو ۽ انتظار حسين پنجوٿا کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي اسلام آباد آندو. اٽڪ پوليس اسٽيشن صدر حسن ابدال پاران انتظار حسين پنجوٿا کي اغوا ڪندڙن کان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي چيو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا. انتظار حسين کي هٿ پير ٻڌل حالت ۾ ڪار مان بازياب ڪرايو ويو. اسلام آباد پوليس انتظار حسين پنجوٿا جي ڪيس ۾ بازيابيءَ بعد عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي. پوليس جو چوڻ آهي ته انتظار حسين کان مليل ڄاڻ جي روشني ۾ اغوا ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ به جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو. شروعاتي بيان ۾ انتظار حسين چيو هو ته بازيابي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو هو، ڪوهسار پوليس صبح جو انتظار پنجوٿا کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل رات ڪوهسار پوليس حسن ابدال پوليس کان انتظار پنجوٿا کي وٺي آئي هئي. واضع رهي ته پراسيڪيوٽر جنرل پاران عدالت ۾ انتظار پنجوٽه کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي هئي.