انتشار ۽ ابهام مان ‘تسڪين’ وٺندڙ معاشرو

0
51
انتشار ۽ ابهام مان ‘تسڪين’ وٺندڙ معاشرو

پنهنجا خيال اظهارڻ، ڳالهائڻ، بي خوف ٿي چئي ڏيڻ ۽ حتيٰ ڪہ ذهن جي بٺيءَ ۾ تپندڙ پنهنجيءَ سوچ کي، خيال کي، مجموعي طور سماج ڏانهن، ماڻهن جي ڪنهن گروھ يا ڪنهن اڪيلي فرد ڏانهن جُڙيل يا جُڙندڙ پنهنجي رويي کي لفظن جي صورت ڏئي اظهاري ڇڏڻ يقينن ماڻهوءَ جو بنيادي حق آهي ۽ اها ئي تہ اظهار جي آزادي آهي. ڀلا ڇا پاڻ زبان تي پيل بندشن جون سموريون سنگهرون ٽوڙي، خوف جي بند کوليءَ کان آزاد ۽ باوقار اظهار جي آزاديءَ جو لازوال حُسن ماڻڻ لاءِ بيتاب ناهيون؟ ڇا پاڻ اظهار جي آزاديءَ جي جنگ نہ پيا وڙهون؟ پاڻ تہ پنهنجا خيال اظهارڻ، ڳالهائڻ ۽ چئي ڏيڻ واري بنيادي معاشرتي حق کي حاصل ڪرڻ جا تمنائي بہ آهيون تہ پنهنجي ان بنيادي حق کي معاشري جي ماٿي جو جهومر بڻائڻ جا خواهشمند بہ آهيون. خير، اظهارڻ جو اهو حق، ڳالهائڻ جي اها آزادي فقط زبان جي دهليز تي دنگ نٿي ڪري پر ‘ڪَن’ بہ ان جي سونهن جو بنيادي جُز آهن. ذهن، جتي خيال پلجن ٿا ۽ سوچون جنم وٺن ٿيون، تنهن کي بہ “ڳالهائڻ واري حق” جي تاڃي پيٽي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. دراصل زبان، ذهن ۽ ڪَن ئي اظهار جي آزاديءَ جو گڏيل سِٽاءُ ۽ ٿنڀ آهن ۽ جيڪڏهن ان سِٽاءُ جو ڪو هڪ ٿنڀ ڪڍي ڇڏجي، تہ “ڳالهائڻ واري فطري حق” جي سموري عمارت ئي پَٽ پئجي ويندي. ڇو نہ ڀلا مثال لاءِ ڀٽائي صاحب کان مدد وٺجي:

“ڪڏهن ٿِجي وات، ڪڏهن ٿِجي ڪن”

بِنھ سادي ڳالھ آھي ٻُڌائجي تہ ٻُڌجي بہ، رڳو حال احوال ڏئي ڀڄي نہ وڃجي پر حال احوال ڏجن بہ ۽ وٺجن بہ. فقط زبان جا ٿَڪ ڇو لاهجن، ڪَنن کي بہ ڪجھ ٻُڌي ٿَڪ ڀڃڻ ڏجي. دراصل اِتان کان ئي معاشري ۾ ‘سهپ’ جي سونهن جنم وٺي ٿي ۽ ‘سهپ توڙي برداشت’ تي ئي ڳالهائڻ جي فطري حق يعني اظهار جي آزاديءَ جي پوري عمارت بيٺل هوندي آهي. معاشرتي عدم برداشت جي صورت ۾ ڪو بہ سماج، گروھ يا فرد اظهار جي آزاديءَ جو حق ماڻي ئي نٿو سگهي ۽ نہ ئي ‘ڳالهائڻ جي آزاداڻي حق’ جي سونهن سندس دل ۽ دماغ ۾ جَڳ مَڳ ٿي جرڪي سگهي ٿي ۽ نہ ئي سندس روح کي ذميواريءَ جي احساس سان منور ڪري سگهجي ٿو.

ڳالھ فقط ايتري ناهي ۽ نہ ئي فقط ان خيال تي دنگ ڪرڻ کپي پر ان کان بہ اڳتي اهم اهو بہ آهي تہ اظهارڻ لاءِ پنهنجي دماغ مان ڪهڙا خيال ڦُٽن ٿا؟ ذهن ڪهڙن سوچن کي جنم ڏئي ٿو ۽ ڪهڙا رويا زبان جو رستو وٺي معاشري ڏانهن اُڏام ڪن ٿا. جيتوڻيڪ لفظ تہ لفظ ئي هوندا آهن. لفظ اڏيندڙ بہ هوندا آهن تہ ڊاهي پَٽ ڪندڙ بہ هوندا آهن. لفظ چيري ڦاڙي ۽ چِچري بہ ڇڏيندا آهن تہ معاشرتي طور تي مري ويل وجودن ۾ آئيندي جي اتساھ جو روح بہ ڦوڪي وجهندا آهن. لفظ حسن بہ هجن ٿا تہ ڀيانڪ بدصورتي بہ ٿي پوندا آهن. تنهنڪري لازمي آهي تہ پنهنجو پاڻ کان اهو ضرور پڇڻ گهرجي تہ “اظهارڻ لاءِ پاڻ وٽ ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ڇا هئڻ گهرجي ۽ ها، ڇا لاءِ هجڻ گهرجي”. جيستائين پاڻ “پنهنجو پاڻ” کان اِهو سوال نٿا ڪريون، اِهو پُڇون نٿا ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهايون نٿا، تيستائين پاڻ نہ ئي “ڳالهائڻ جي آزاداڻي حق” جو بنيادي حق ادا ڪري سگهنداسين ۽ نہ ئي اسان وٽ مجموعي طور تي ذميواراڻو رويو بلوغت ماڻي سگهندو، جيڪو مجموعي طور تي پنهنجي هيڻي، نِٻل، بنيادي قومي ۽ تاريخي حق حاڪميت کان محروم، سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي استحصال جو شڪار معاشري ۾ اُجري آئيندي جو روح ڦوڪي ان کي اڳتي وٺي هلي سگهي.

مون مٿي عرض ڪيو آهي تہ لفظ ٺاهيندڙ بہ هجن ٿا تہ ڊاهي پَٽ ڪندڙ بہ. پاڻ کي پنهنجي معاشري کي ڇا ڏيڻ کپي؟ ڪيڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي ۽ ڇا ڏئي رهيا آهيون؟ ان جو انحصار اسان جي لفظن تي آهي ۽ اُهي لفظ، جيڪي اسان جي نجي ڪچهرين جي زينت آهن، ڪنهن سماجي فورم تي گونجن ٿا، اسان جي تحرير ۽ تقرير جي شڪل ۾ آهن يا پنهنجي ذميواراڻي توڙي غير ذميواراڻي انداز ۾ اظهاريل خيال، رويي يا انتهائي ڇڙواڳ ۽ ڇسي تنقيد جي شڪل اختيار ڪري اهي لفظ سوشل ميڊيا تي سفر ڪن ٿا، سڀني صورتن ۾ اهي لفظ يا اظهاريل خيال معاشري ۾ تعمير يا تخريب کي جنم ڏيندڙ هوندا آهن. جيڪڏهن اظهار جو اندازِ بيان توڙي لفظن جو استعمال ذميواراڻو آهي تہ يقينن اهو معاشري لاءِ مثبت ٿيندو، ڦلدائڪ ٿيندو ۽ نتيجا خيز بڻجندو پر جيڪڏهن فقط چوڻو ئي آهي، ڳالهائڻو ئي آهي ۽ جيڪو خيال آيو يا جيڪو مون سوچيو، ڀلي اهو رويو ڪنهن جي ذاتي زندگيءَ کي تين وال ڪري يا معاشري ۾ “محدود يا لامحدود” انتشار جو سبب بڻجي پر ڇاڪاڻ تہ مون کي چوڻو آهي ۽ پوءِ پنهنجي حلقي ۾ ٻڌائڻو آهي تہ “مون چئي ڏنو”. ان چوڻ کانپوءِ ڇا ٿيو يا ڇا ٿيندو ۽ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ تنهن سان منهنجو ڪو تعلق ناهي. ان قسم جو رويو انفرادي طور تي تسڪين جو سبب تہ بڻجي سگهي ٿو پر ان مان معاشرتي ذميداري جنم نہ وٺندي ۽ نہ ئي اهڙو رويو “ڳالهائڻ جي آزاداڻي حق” جو بنيادي حق ادا ڪري سگهي ٿو.

اهڙي حال ۾، جڏهن پاڻ هڪ تہ بدترين سماجي انتشار جي گهيري ۾ آهيون، بلڪہ سنڌي سماج کي ڇڙوڇڙ رکڻ لاءِ روز نوان معاملا پئدا ڪيا پيا وڃن، ٻيو تہ پنهنجو مجموعي قومي وجود بہ سمورين دشائن کان انتهائي ڏکيائين ۾ وڪوڙيل آهي ۽ ٽيون اهم ۽ مشڪل ترين معاملو اهو بہ آهي تہ پنهنجن ماڻهن جي اڪثريت اڃا قومي سوال کان اوپرو ٿي “پنهنجيءَ ۾ پورو” آهي، تہ اهڙي حال ۾ اظهار جو ذميواراڻو عمل ئي سنڌ کي مثبت دڳ لائڻ لاءِ ڪارگر ٿيندو. ٻيو تہ ڇا پاڻ سڀ هڪ باوقار سنڌ ڏسڻ جا خواهشمند ناهيون. هڪ اهڙي سنڌ، جيڪا معاشي طور تي پاڻ ڀري هُجي ۽ معاشرتي طور تي دنيا جي ترقي يافتا سماجن جي صف ۾ ڳڻجي ۽ ان ئي صف ۾ پاڻ وارو معاشرو بہ اوچي ڳاٽ سان بيٺل نظر اچي. ان لاءِ بس ايترو ڪريون، صرف ايترو، جو پنهنجو پاڻ سان ڳالهايون، پنهنجو پاڻ سان ڪچهري ڪيون. گهڙي کن لاءِ ڀٽائي صاحب جي ٻُڌون:

“پيهي جا پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ”

ڀلا ايترو تہ ڪري سگهجي ٿو نہ…… پنهنجي لاءِ، پنهنجن ماڻهن لاءِ ۽ پنهنجي معاشري لاءِ پنهنجو پاڻ سان تہ هڪڙي ڪچهري ڪري سگهجي ٿي نہ ۽ پنهنجو پاڻ کان پُڇي سگهجي ٿو نہ، تہ آئون ڇو آهيان؟ ڇا لاءِ آهيان ۽ مون کي ڇا لاءِ هجڻ گهرجي؟ بس رڳو ايترو ڪجي، تڏهن بہ پاڻ پنهنجن لفظن جي ادائيگيءَ کي سمجهي وٺنداسين ۽ صحيح معنيٰ ۾ “اظهار جي آزاديءَ” يعني “ڳالهائڻ جي آزاداڻي حق” جو حق بہ ادا ڪري وٺنداسين. تڏهن پنهنجا لفظ نہ ڪنهن انتشار جو سبب بڻجندا ۽ نہ ئي سماجي ابهام جو ڪارڻ ٿيندا. گهڙي کن لاءِ سوچيون: “ذميداري ماڻهو کي پنهنجي سماج لاءِ ڪيڏو نہ اُتم، اعليٰ ۽ شانائتو ڪري ٿي ڇڏي”.