مسوڀرڳڙي(ن پ ا) انبڙيون مارڪيٽ ۾ اچي ويون، آچار ۽ چٽڻي هر گهر جي زينت بڻجي وئي، مختلف روايتي کاڌن م پڻ انبڙين جو استعمال ٿيڻ لڳو، ان ڏس ۾ سنڌ جي مارڪيٽن ۾ انبڙين جي آمد سان ئي موسم ۾ نئون رنگ ڀرجي ويو آهي. انبڙين جو اچڻ نه صرف ذائقي جي دنيا کي جهنجهوڙي وڌو آهي پر هر گهر ۾ آچار، چٽڻي ۽ مختلف روايتي کاڌن جي تياريءَ جو به آغاز ٿي ويو آهي. مارڪيٽن ۾ انبڙين جي وڏي مقدار سان عوام جو جوش به ڏسڻ وٽان آهي. گهريلو عورتن کان وٺي کاڌ خوراڪ جا شوقين به انبڙين مان نوان نوان ذائقيدار تجربا ڪري رهيا آهن. خاص طور تي سنڌي روايتن موجب تيار ٿيندڙ انبڙين جو آچار ۽ مصالحيدار چٽڻيون هر گهر جي ميز تي لازمي بڻجي ويون آهن. مقامي واپارين جو چوڻ آهي ته انبڙين جي آمد سان واپار ۾ تيزي اچي وئي آهي ۽ هول سيل مارڪيٽ کان وٺي عام دڪانن تائين ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي. ٻئي طرف کاڌن سان محبت ڪندڙ ماڻهن لاءِ هي موسم خاص خوشيءَ جو سبب آهي، جتي ذائقي، خوشبو ۽ روايت هڪ ٻئي سان ملي نئين مزو پيش ڪري رهيا آهن.