دادو(رپورٽر) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پي سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ام رباب طبعيت صحيح نه هئڻ ڪري عدالت نه آئي، ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو، سردار چانڊيو، ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، برهان خان چانڊيو پيش نه ٿيو، سندس وڪيل شعاب الدين سرڪي عدالت ۾ درخواست ڏني ته برهان جي نياڻي لنڊن اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آهي، ان ڪري برهان خان 28 نومبر تائين لنڊن ۾ رهندو ، عدالت ٻڌڻي 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ام رباب پاران سيڪيورٽي خدشا ظاهر ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي ذميوار قرار ڏيڻ واري معاملي کانپوءِ ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ جي هدايت تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي. سردار چانڊيو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ام رباب جي زندگي کي ڪو به خطرو ناهي ، رينجرز سيڪيورٽي ۾ اٿس اڃا 2 يا 3 ، پوليس جون موبائل کپن ته سرڪار ڏئي اسان جون اکيون ٿڌيون، جيڪڏهن ام رباب کي خطرو آهي ته پوءِ نه اچي جن کي اچڻو آهي اهي ڀلي اچن، ميڊيا آڏو زندگي کي خطري جون ڳالهيون ڪري ٿي پر اڄ تائين سندس گهر آڏو ڪاٺي به ناهي ڀڳي، ڪو واقعو ٿيو آهي ته اهو ٻڌائي، سردار چانڊيو چيو ته ايف آءِ آر ۽ پوليس جاچ ۾ اسان جو نالو ناهي ، عدالت گهرائي ٿي ته اچون ٿا ۽ اسان پنهنجي بيگناهي ثابت ڪنداسين.