ام رباب جي پڙهايل گواهه بيان بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي: سردار چانڊيو

0
119

دادو: پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ ٽيڻي قتل ڪيس ۾ نامزد سردار چانڊيو چيو آهي ته  ام رباب جي پڙهايل گواهه اڄ پنهنجو بيان تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

فريادي ڌر جو گواهه بيهوش ٿيڻ تي سردار چانڊيو تبصرو ڪيو ته خبر نه آهي ته هن کي ڇا ٿيو جو آڏي پڇا دوران ڪري پيو

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ام رباب ڪوڙا الزام پئي هڻي ته اسان بلاول ڀٽو زرداري جو نالو استعمال ڪري رهيا آهيون، ميهڙ جي واقعي وقت برهان چانڊيو بلاول ڀٽو سان گڏ تقريب ۾ موجود هو

هن چيو ته سڄي دنيا ان جي شاهد آهي، ام رباب جي ڪوڙ ڳالهائڻ سان ڪو فرق نه پوندو