هڪ ماءُ ڏکڻ ڪوريا کان سان فرانسسڪو ڏانهن هڪ فلائيٽ ۾ وڃي رهي هئي ۽ جنهن کي لڳاتار ڏهه ڪلاڪ سفر ڪرڻو هيو. جنهن ۾ 167 مسافر سفر ڪري رهيا هيا.
هن ماءُ جهاز جي سمورن مسافرن کي جهاز جي اڏام کان اڳ ننڍا ننڍا بيگ ورهائي ڏنا جنهن ۾ ٽافي‘ چيوگم ۽ ڪنن ۾ وجهڻ واري ڊوائيس هيا .
اهو سڀ ڪجهه هن ان ڪري اڳ ئي ورهايا ته جيئن سندس ٻارڙو جهاز هلڻ ڪري متان رڙيون ڪري .
ان پلاسٽڪ بيگ ۾ هڪ لکيل پيغام پڻ هيو جنهن تي هي لفظ تحرير هيا …..
“هيلو آئون جان وو آهيان منهنجي عمر 4 مهينا آهي ۽ اڄ مان پنهنجي امي ۽ ڏاڏي سان گڏ آمريڪا پنهنجي آنٽي ڏانهن وڃان پيو .
آئون ننڍڙو آهيان ان ڪري اداس هان ۽ خوف ۾ ورتل هان .
هي منهنجي زندگي جي پهرين فلائيٽ آهي ۽ اهو مون لاءِ نارمل آهي ته آئون روئي سگهان ٿو ۽ ٻين جي لاءِ باعث زحمت ۽ تڪليف ده ٿي سگهان ٿو .آئون ڪوشش ڪندس ته پرسڪون رهان پر مان اوهان سان واعدو نه ٿو ڪري سگهان ‘اها ڪنن واري ڊوائيس ان وقت استعمال ڪجو جڏهن منهنجو آواز وڏو ٿي وڃي‘ سفر بخير . مهرباني “”
مهذب ۽ تهذيب يافته قومن ۾ ٻين جي آزادي جي عزت ڪئي وئي ويندي آهي… سنڌ به اهڙو سماج گهري ٿي جتي انساني حقن ۽ احساسن جو خيال ڪيو وڃي . (فيس بوڪ تان ورتل)