امڙين ۽ ڀينرن جا سور ٻڌڻ اسان جي وس ۾ ناهي رهيو … شانل کوسو

0
25

  امڙين ۽ ڀينرن جا سور ٻڌڻ هاڻي اسان جي وس ۾ ناهي رهيو. پاڻ ۾  لڙڪ اگهڻ لاءِ سگھه به ناهي رهي. هر پاسي ماتم، هر ڳوٺ  ڄڻ ته موهن جو دڙو هجي، نه ادارا، نه رياست، نه انتظاميا. ادين کي ڪنهن جو دلاسو ڏئي ماٺ ڪرايون ته ڪوئي ايندو به توهان جو ڀرجهلو ٿيندو،

                          ادي هي جهوپڙيون نه پر اسان جا محل هئا جيڪي پاڻي ۾ لڙهي ويا، ٻار وٺي جان بچايوسين، ڀلي ڪٿي ٽائلس ماربل جا گهر هجن  انھن ۾ ئي عارضي پناهه وٺون پر پنهنجي ڪکاون منهن ۾ جيڪو سڪون هو ڪٿي به نه هو، پر اهو ئي نه رهيو آهي هاڻي، اهي به هاڻي ٺهندا به الائي نه!

                         اسان پڙهيل ماڻهو نه ڪنهن  کان ڪجھه وٺي سگهون نه چئي سگهون، نه ئي ڪنهن اسڪول يا روڊ تي رهي سگهون، ڪيستائين پاڻ کي گهليون ها پرائي ڳوٺ/ گهرن  ۾!

                          بس پاڻي جي وچ ۾ اچي پنهنجي ڊهيل اجهن ۾ ويٺا آهيون، ادي  خودداري / عزت جي ڪري اسان ڪنهن کي اٽي جي لپ لاءِ چئي به نه سگهون… مرد مزدوري ڪرڻ وارا هاڻي مزدوري به ناهي رهي، انهن کي ڪيئن چئون ته ڪٿان ڪجھه آڻي ڏيو. ٻچا ڪڍي رات جي وقت نڪتاسون، چپل به پيرن ۾ نه هئي….!!!

باءِ پاس تي ويٺل، اسڪول ڪيمپ ۾ رهيل ماروئڙن سان گڏوگڏ ڳوٺن ۾ واپس آيل ماڻهو به اوهان جي مالڪي جا منتظر آهن. شهدادڪوٽ  ۾ ڪم ڪندڙ  تنظيمن /ساٿين/ معزز شهرين کي گذارش آهي ته ڳوٺ سيلرا/ ڪور ڏاتو شهر جي آس پاس جا ڳوٺ جن کي سم نالن ٻوڙي موهن جو دڙو بڻائي ڇڏيو اهي ماروئڙا به اوهان جا منتظر آهن،  ڳوٺن ۾ گهڻي ڀاڱي هاري / مزدور آهن جن وٽ هاڻي ڪجھه به ناهي بچيو. ڳوٺ ڪور ڏاتو شهدادڪوٽ جي ادين جا وهندڙ لڙڪ به اگهي نه سگهياسون…(فيس بوڪ تان ورتل)