اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پي ڊي ايم پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي وضاحت لاءِ موقعو ڏئي ڇڏيو، فضل الرحمان چيو آهي ته ٻنهي پارٽين کان پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، پ پ پ مان اها توقع نه هئي ته اهي باپ کي باپ بڻائيندا، پي ڊي ايم پنهنجا فيصلا رمضان ۾ ڪري وٺندو، تحريڪ جي رفتار تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو، پنهنجن دوستن کي واپس آڻڻ لاءِ اسان انتظار ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، تفصيل موجب ڪالهه پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ پي ڊي ايم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، قومي وطن پارٽي جي سربراهه آفتاب شيرپائو، نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو، محمد اڪرم، جي يو پي جي شاهه اويس نوراني شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي پاران پي ڊي ايم مان ڌار ٿيڻ واري مامري تي غور ڪيو ويو، اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو هو، جيڪي پارٽيون اجلاس ۾ موجود نه هيون انهن جي اڳواڻن سان فون تي رابطو آهي، پي ڊي ايم 10 پارٽين تي ٻڌل اتحاد جو نالو آهي، جنهن ۾ تمام پارٽين جي حيثيت برابر آهي، اسان اڪثر فيصلا اتفاق راءِ سان ڪري سامهون آندا، پي ڊي ايم جو مستقل تنظيمي ڍانچو آهي، جنهن ۾ صدر، نائب صدر، سيڪريٽري جنرل، ترجمان ۽ ٻيا عهدا آهن، هن چيو ته سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي بابت تحريري طور تي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو هو، ظاهر آهي ته فيصلن جي خلاف ورزي ٿي ۽ ان جا نتيجا سامهون آيا ته تنظيمي ڍانچي جي تقاضا هئي ته جنهن پارٽي کان شڪايت آهي ان کان وضاحت طلب ڪئي وڃي، اسان پنهنجي دوستن جي عزت نفس جو خيال رکيو، نوٽيس کي به ميڊيا سامهون نه رکيو، ٻنهي پارٽين (پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي) جي سياسي قد ڪاٺ جي گهرج هئي ته اهي باوقار انداز ۾ نوٽيس جو جواب ڏين ها، غيرضروري طور تي ان مامري کي عزت نفس جو مسئلو بنائڻ سياسي گهرجن مطابق ناهي، ٻئي پارٽيون وضاحت ڏيڻ لاءِ پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس طلب ڪرڻ يا اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جو به مطالبو ڪري پئي سگهيون، پر انهن وضاحت لاءِ موڪليل نوٽيس کي ڦاڙي ڇڏيو ۽ چيو ته پي ڊي ايم وارا ڪير ٿيندا آهن اسان کان پڇڻ وارا، هن چيو ته پي ڊي ايم قومي مقصدن لاءِ قائم ڪيل هڪ اتحاد آهي، هي عهدن، منصب لاءِ ويڙهه جو فورم ناهي، اسان نه پئي چاهيو ته تنظيمي اختلاف چوڪ تي کڻي اچون، دوستن لاءِ اڃا به موقعو آهي ته هو پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪري پي ڊي ايم سان رجوع ڪن، انهن جي شڪايتن کي ٻڌڻ لاءِ تيار آهيون ۽ گڏجي شڪايتون دور ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته افسوس آهي ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي پاڻ کي پي ڊي ايم کان ڌار ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪيون آهن، پيپلز پارٽي جون پي ڊي ايم جي عهدن تان استعيفائون به پهتيون آهن، جيڪي منظور ناهن ڪيون، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪن، پي ڊي ايم سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي، کين موقعو ڏئي رهيا آهيون هن ان سوال ته پيپلزپارٽي پاران معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جي جواب ۾ چيو ته هي سوال ان قد ڪاٺ جو ناهي جنهن تي تبصرو ڪريان انهن کي شين کان اسان کين روڪي رهيا آهيون ۽ چئي رهيا آهيون ته سنجيدگي ۽ سياست ۾ ميچوئرٽي پيدا ڪئي وڃي، هن چيو ته پي ڊي ايم ميدان ۾ رهندي، قوم پي ڊي ايم سان گڏ آهي، پي ڊي ايم جي تحريڪ ۽ ان جي اڳتي وڌڻ جي رفتار تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين، پنهنجي دوستن جي واپس اچڻ لاءِ اسان انتظار ڪيو ۽ هاڻي به ڪنداسين، فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم اتحاد ڇڏيندڙن توڙي مون سان گڏ بيٺلن کي چوان ٿو ته بيان بازي ۾ اسان کي ناهي الجهڻو، هي اسان جو آخري بيان آهي اسان طرفان جواب اچي ويو، هاڻي اميد ڪريون ٿا ته هو سياسي بالغ نظري جو مظاهرو ڪندا، هن چيو ته پيپلزپارٽي مان اها توقع نه هئي ته اهي باپ کي باپ بڻائيندا، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته فرد ايندا ويندا آهن، پارٽيون برقرار هونديون آهن، پي ڊي ايم برقرار آهي. پاڪستان ٻڏي رهيو آهي ان جي معيشت ٻڏي رهي آهي، خون جي آخري قطري تائين عوام سان گڏ هونداسين ۽ تحريڪ هلائينداسين، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو پيپلز پارٽي يوسف رضا گيلاني سان زيادتي ڪئي آهي ان جي شخصيت کي متاثر ڪيو آهي جنهن تي افسوس آهي. شاهد خاقان عباسي جو چوڻ هو ته ملڪ انتشار جو شڪار آهي، ان دوران اسان ڪرسي جي سياست کان هٽي ملڪي مفاد کي اهميت ڏيڻ چاهيون ٿا.