اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته آئين ۾ اسيمبليون ٽٽڻ جي 90 ڏينهن کان پوءِ چونڊون ڪرائڻ جو واضح حڪم آهي ته پوءِ ڇو هر هر ان معاملي تي تڪرار ٿئي ٿو، اميد آهي ته نوي ڏينهن ۾ چونڊن جي فيصلي تي عملدرآمد ٿيندو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر عابد زبيري پاران چيف جسٽس جي مان ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته منهنجي مولا مون کي حڪمت ڏئي، آئون سٺا فيصلا ڪري سگھان. جڏهن آئون هليو وڃان ته سٺن لفظن ۾ ياد ڪيووڃان. رٽائرمينٽ کان پوءِ ٿي سگهي ٿو منهنجو تعلق توهان سان اوترو نه رهي پر اسين سڀ هتي هڪ سبب جي ڪري گڏ ٿيا آهيون. خطاب دوران چيف جسٽس جو ڳلو ڀرجي آيو ۽ هو ٿورو جذباتي ٿي ويو. چيف جسٽس جي مان ۾ ڏنل تقريب ۾ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شرڪت نه ڪئي.