سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مبينا ميرٽ جي لتاڙ، معاملي جو نوٽيس وٺي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، اِن ڏس ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي لکت واري ٽيسٽ ۾ پوري سنڌ ۾ پهرين نمبر تي پاس ٿيندڙ اميدوار محمد ڪامران الزام مڙهيندي چيو آهي ته ڪيترن ئي قابل اميدوارن کي انٽرويو ۾ گهٽ نمبر ڏئي ناڪام قرار ڏنو ويو، من پسند ماڻھن کي انٽرويو ۾ وڌيڪ مارڪس ڏئي ميرٽ جو قتل ڪيو ويو آهي، لکت واري امتحان ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪيون هيون پر زباني امتحان ۾ گهٽ مارڪون ڏئي نظر انداز ڪيو ويو آهي، انٽرويو ۾ گهٽ مارڪس ڏئي ناانصافي ۽ منهنجي مستقبل سان کيڏيو ويو، لکت جي امتحان ۾ گھٽ مارڪس حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، هن چيو ته سي ايس ايس جي لکت واري امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ 663 مارڪون حاصل ڪيون، مون وانگر جاويد، ايوب مغيري، احمد خان، عبد اللغفور ۽ ٻين سان به ساڳي ناانصافي ڪئي وئي آهي، هن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف هاءِ ڪورٽ کي معاملي جي نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي.