شڪارپور (رپورٽر) جي ڊي اي ايم اين اي  غوث بخش مهر چيو آھي ته شڪارپور ۾ 26 جون تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن کان اول ئي پوليس معرفت ڌانڌلي شروع ڪئي وئي آھي، پوليس جي مدد سان جي ڊي اي جي اميدوارن، همدردن ۽ ووٽرن کي هراسان ڪيو ٿو وڃي، خاص طور چڪ ۾ پوليس حڪومتي ڌر جي اميدوارن جي مدد خاطر ماڻھن کي ٿاڻي تي گهرائي پ پ ۽ سندس اتحادي جي يو آءِ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ داٻا ڏئي رهي آھي، اهڙن خيالن جو اظھار هن مهرهائوس وزيرآباد تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هن چيو ته لکي تعلقي ۾ تمام گهڻيون شرارتون ڪيو پيو وڃن ته جيئن جهيڙو ٿئي، اسان جي ماڻھن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته هڪ طرف پوليس جا داٻا آھن ته وري ٻئي طرف ڊي آر او پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري ڇڏيون آھن، هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس ۽ پولنگ اسٽيشن بابت ڊي آر او ۽ اليڪشن ڪميشن اسان جا خدشا ۽ اعتراض ۽ شڪايتون ختم نه ڪيو ۽ ازالو نه ٿيو ته احتجاج ڪنداسين.